پاڪستان ۾ وچڙندڙ ۽ غيروچڙندڙ مرض وڌندا پيا وڃن: پاڪستان سوسائٽي آف انٽرنيشنل

ڪراچي (اي پي پي)پاڪستان ۾ وچڙندڙ ۽ غيروچڙندڙ مرض  وڌندا پيا وڃن ،پاڪستان  ۾ هر ٻيو بالغ فرد هاءِ بلڊ پريشر جو مريض آهي ۽ تقريبن 25 سيڪڙو آبادي شوگر جي مرض ۾ مبتلا آهي،جيستائين مريضن کي سائنسي تحقيق تي ٻڌل دوائون نه ڏنيون وينديون سندن علاج ممڪن نه آهي. اهڙو اظهار هسٽري آف هيلٿ سائنسز لاهور جي وائيس چانسلر ۽ پاڪستان سوسائٽي آف انٽرنل ميڊيسن جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اڪرم ڪراچي ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر جاويد اڪرم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ اهو به هڪ الميو آهي ته هتي تقريبن 25 سيڪڙو مريض پنهنجون دوائون پاڻ تجويز ڪن ٿا ۽ اهي دوائون سڌيءَ ريت ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪن ٿا، خاص طور تي اينٽي بائيوٽڪ دوائن جو بنا ڊاڪٽري نسخي جي استعمال وڌي ويو آهي جنهنڪري گهڻين بيمارين ۾ اهي دوائون بي اثر ثابت ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن.فارماسيوٽيڪل مافيائن جي لالچ ۾ ايندڙ ڊاڪٽرن جي حوالي سان پيدا ٿيل سوالن تي ڳالهائيندي هن چيو ته سائنسي تحقيق سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن کي قرآن پاڪ جي تعليم ۽ اخلاقيات جي تربيت به ڏني پئي وڃي ته جئين هو مريضن کي پاڻ جهڙو انسان سمجهي همدردي سان سندن علاج ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.