مٽياري ضلعي ۾ گيسٽرو پکڙجي وئي، 180 ڄڻا بيمار

مٽياري (ڊ ر)مٽياري ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گرميءَ جي شديد لهر کانپوءِ  چئن ڪلاڪن ۾ 180 کان مٿي گيسٽرو جا مريض سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ پهتا، جتي 30 کان مٿي گيسٽرو جي مريضن کي مٽياري تعلقي اسپتال داخل ڪيو ويو، جڏهن ته 19 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سول سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، ذريعن موجب گيسٽرو ۾ ورتل مريضن ۾ معصوم ٻارڙن جو وڏو انگ شامل هو، تعلقي اسپتال مٽياري ۾ رات جو هڪ ڊيوٽي ڊاڪٽر هجڻ ڪري مريض سخت پريشان کي منهن ڏيڻو پيو،جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن پاران سهوليت جي کوٽ جون پڻ دانهون ڪيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.