مٺي ۾ تعليم کاتي جي عوامي ٻڌڻي، اميدوار مطمئن نه ٿيا

مٺي (ڊ ر) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي  شاھ وارسن  ٿرپارڪر ضلعي ۾ استادن جي نين ڀرتين متعلق اميدوارن جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو هو جنهن بعد تعليم کاتي ٿرپارڪر طرفان مٺي جي شھيد بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس عوامي ٻڌڻي رکي ٻڌڻي ۾ پ پ پ ايم اين اي مھيش ڪمار ملاڻي،ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي،انجنيئر گيانڇند،تعليم کاتي ميرپورخاص ڊويزن جي ڊائريڪٽر ديدار حسين جلباڻي،پرائمري ۽ سيڪنڊري کي ڊي اي اوز ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي تعليم کاتي جي ڪامورن وٽ مطئمن جوڳا جواب نه ھجڻ ڪري بدنظمي جي ور چڙھي وئي.  ڀرتي ٿيل استادن جا مسئلا حل نه ٿي سگهڻ تي چونڊيل نمائندن توڙي اميدوارن جون تعليم کاتي جي ڪامورن آڏو شڪايتون ڪيون.انهي موقعي تي ڳالهائيندي ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي چيو ته اميدوارن جو شڪايتون ٻڌيون آھن تعليم کاتي جي آفيسرن اهي سموريون شڪايتون نوٽ ڪيون آھن نئين طريقي سان ايس اين اي ڪرائي, ھڪ ڪاميٽي جوڙي اسڪولن جي حقيقي بنياد تي لوڪيشن ڏسي ڳوٺاڻي سطح تي عوام سان ملي ڪري اسڪولن ۾ استادن جو صحيح تعداد ڏنو وڃي, اسان پارليامينٽيرين مٿئين قيادت سان ڳالھائي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. انهي موقعي تي ڊائريڪٽر تعليم چيو ته اميدوارن جون شڪايتون ۽ مسئلا ٻڌا آھن انهن کي ميريٽ جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.