ريتي لڳ ويڪيسن نه ٿيڻ سبب مال ۾ بيماري پکڙجڻ لڳي، مالوندن جو احتجاج

ريتي( رپورٽ: وجي ڪمارچاولا ) ريتي ويجهو جھنگل ملڪ ۽ ديھ نرلي شر ۽ ڀرپاسي جي چوپائي مال ۾ وقت سر ويڪسين نه ٿيڻ ڪري بيماري پکڙجڻ لڳي علائقي واسين جو احتجاج صحافين سان ڳالهائيندي امام  بخش مورو، ارشد، ميوو، قادر بخش ۽ ٻين چيو ته اسان جي علائقي ۾ ڪم ڪندڙ ويڪسين ٽيم جي ڊاڪٽر رئيس غازي ۽ ڊاڪٽر وسند جي کي اطلاع ڪرڻ باوجود ڪو عمل نه ٿيو چوپائي مال ۾ وئرس ڦهلجي شدت اختيار ڪرڻ لڳو ڪيترائي جانور بيماري ويڳي مري ويا ۽ اڪثر وائرس ۾ ورتل آهن غريب پورهيت ماڻهن جو گذر سفر مال ڍڳي تي آهي اسين هزارين رپيا خرچ ڪري چڪا آهيون جڏهن ته ويڪسين لاء ٽيم وٽ وڃي اطلاع ڪيو آهي هو اڄ تائين اسان وٽ نه آيا آهن اهي ڊاڪٽر سياسي سفارشن تي چونڊيل ماڻهن وٽ وڃي ويڪسين ڪري رهيا آهن جڏهن ته اسان جا جانور مري رهيا آهن مقرر ٽيم جي بد دياني آهي انڪوائري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ فورن ٽيم موڪلي اسان جي جانورن کي ويڪسين ڪئي وڃي رابطوتي ٽيم جي انچارج وسند جي ٻڌايو ته عيد جون موڪلون هيون جنهن کان پهريان اسين شيڊول جي حساب سان ويڪسين ڪري رهيا هيا سين اسان کي هنن جي خبر پئي آهي سڀاڻي هنن وٽ ويندا سين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.