مقصودو رند(ن ع آ) مقصودو رند شھر ۾ نينگر سوٽن سان ناراض ٿي گھر ۾ پيل زھريلي جيت مار دوا پئي ڇڏي نينگر اسپتال منتقل خبر موجب مقصودو رند شھر ۾ 14 ساله نينگر واحد ڏنو رند ولد رب ڏنو رند گھر ۾ پنھنجن سوٽن سان ناراض ٿي گھر ۾ پيل زھريلي دوا پئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نينگر کي فوري طور تي وارث سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو جتي نينگر کي طبي امداد مھيا ڪئي وئي ۽ نينگر جي حالت بھتر ٻڌائي پئي وڃي.