ڪراچي ۾ زخمي عورت اسپتال ۾ لاوارث پيل

ڪورنگي ( ن ع آ ) ڪورنگي لانڍي  پوليس موبائيل جي ٽڪر ۾  زخمي ٿيل  عورت 17 ڏينهن گذرڻ باوجود جناح اسپتال ۾ بي يارومدگار اعليٰ آفيسر مون کي انصاف ڏيارين، آپريشن ۽ علاج نه پيو ٿئي، وڌيڪ پئسا ناهن، متاثر عورت لانڍي پوليس اسٽيشن جي حد لانڍي نمبر 1 مين روڊ تي بخاري ڪلينڪ ڀرسان 17 رمضان المبارڪ تي روڊ ڪراس ڪندي 40 ورهين جي عورت ثمينه ولد محمد زبير لانڍي پوليس موبائل جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پئي هئي.  ايس ايڇ او لانڍي ۽ موجود پوليس اھلڪارن اعليٰ آفيسرن کي ان ڳالھ کان بي خبر رکيو ثمينه جي مڙس زبير چيو ته منهنجي زال کي پوليس اهلڪارن پوليس موبائيل ۾ ويهاريو ۽ هڪ رهواسي کي به پوليس موبائيل ۾ گڏ ويھاريو  جنهن کان بعد ڪجهه فاصلي تي هڪ رهواسي ۽ منهنجي زال زخمي حالت ۾ پوليس موبائل رستي ۾ لاھي ڇڏيو. ثمينه رڪشا ۾ ڪورنگي نمبر 5 گورنمينٽ اسپتال پهتي، رڪشا ڊرائيور جو چوڻ هو ته لانڍي ٿاڻي تائين پوليس موبائيل رڪشا سان گڏ هئي، پر ڊاڪٽرن کيس جناح اسپتال موڪليو، جتي ڊاڪٽرن ريڙهه ۽ هٿ ۾ فريڪچر جي تشخيص ڪئي. ۽ آپريشن جو ٻڌايو آپريشن کي 17 ڏينهن گذري ويا آهن، مان اسپتال ۾ آهيان جتي 2 لک روپيا دوائن تي خرچ ڪري چڪو آهيان 17 ڏينهن گذري ويا مان پاڻ هاءِ بلڊ پريشر جو مريض آهيان اسپتال ۾ هجڻ سبب ڪم تي به نٿو وڃي سگهان ڪو به تعاون نه ڪري رهيو آهي جناح اسپتال وارڊ نمبر 16 بيڊ نمبر 15 زخمي عورت ثمينه جو چوڻ هو ته منهنجو علاج نه ڪرايو پيو وڃي، پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج لاءِ پئسا ناهن، جيڪي پئسا هئا اهي ٽيسٽن تي خرچ ڪيا ويا آھن ڪالهه مڙس جي طبيعت به خراب ٿي وئي، جن کي ڪارڊيو منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽر کين آرام ڪرڻ لاءِ چيو، متاثر عورت اعليٰ حڪام کان گھر ڪئي ته مان غريب آھيان منھنجو فوري علاج ۽ آپريشن ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.