موسميات کاتي سنڌ ۾ هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائن ۾ هڪ هفتي تائين گرمي جي سخت لهر جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ خيرپور ۾ گرمي پد 46 کان 48 ڊگري ٿيڻ جو امڪان آهي. گھوٽڪي، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه ۾ به پد 46 کان 48 ڊگري رڪارڊ ٿي سگھي ٿو.

موسميات کاتي غيرمعمولي طور تي گرم ۽ خشڪ موسمي حالتون سبزين ۽ باغن تي اثر انداز ٿي سگھن ٿيون، گرمي جي لهر دوران توانائي جي طلب ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو.

الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته عوام گرمي دوران 11 وڳي کان 4 وڳي تائين ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪري، ايندڙ 3 ڏينهن دوران ڪراچي جي موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته 3 ڏينهن ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري رڪارڊ ٿي سگھي ٿو، صحت کاتو اسپتالن ۾ طبي سهولتون ۽ ايمبولنس سروس فعال رکي.

ٻئي پاسي پي ڊي ايم اي ايندڙ هفتي سڄي ملڪ ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ملڪ جي ڪيترن علائقن ۾ ڏينهن ۾ گرمي پد ۾ واڌ جو رجحان آهي.

مٿانهين، وچولي سنڌ ۽ بلوچستان سوڌو ڏکڻ پنجاب ۾ پد وڌڻ جو امڪان آهي، ڏينهن ۾ پد 6 کان 8 ڊگري معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

سخت گرم موسم جي ڪري پاڻي ذخيرن، سبزين ۽ باغن ۾ پاڻي جي کوٽ جو خطرو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.