صحت جي ماهرن بصرن جا حيرت جوڳا فائدا ٻڌائي ڇڏيا

بصر هر گھر جي ضرورت ۽ رڌڻي جو ضروري جزو آهي پر بصر رڳو کائڻ جي ڪم ئي ناهن ايند هي هيٽ اسٽروڪ کان به بچائيندا آهن.

هن ڏينهن ۾ گرمي عروج تي پهچي رهي آهي ملڪ جي ڪيترن شهرن ۾ پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان ٽپي ويو آهي ۽ موسميات کاتي پاران هلندڙ هفتي سخت گرمي ۽ هيٽ ويو جي وارننگ به جاري ڪئي آهي.

گرمي کان بچڻ لاءِ هونءَ ته گھڻا طريقا آهن پر سڀ کان سستو ۽ سولو طريقو آهي بصر.

بصر جنهن کان بنا اسان وٽ ڪو کاڌو کائڻ جو تصور نٿو ٿئي، بصر ڪچا به کاڌا وڃن ٿا ٻين سبزين سان گڏ سلا جي صورت ۾ هڪ خوش ذائقو ۽ صحت مند غذا آهي پر هي لذت سان گڏ گرمي خطرناڪ اثرن کان بچائڻ لاءِ به تمام گھڻو فائديمند آهي.

وڏڙا (بزرگ) گرمي کان بچڻ لاءِ گهر کان نڪرڻ وقت سدائين بصر گڏ رکڻ جي صلاح ڏيندا رهندا آهن اصل ۾ بصر ۾ گرمي جذب ڪرڻ جي زبردست صلاحيت هوندي آهي. اهو ئي ڪارڻ جو اس ۾ نڪرڻ وقت جڏهن بصر هوندو آهي جسم کي نقصان پهچائڻ کان پهرين ٻاهر کان ايندڙ گرمي کي روڪي ڇڏيندو آهي.

بصر ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس، ضروري وٽامنز ۽ گھڻو ڪجهه هوندو آهي. هي فوليٽ سميت وٽامن سي ۽ بي سان به مالال آهي. هن گرم موسم ۾ جسم کي ٿڌو رکڻ لاءِ بصر پاڻ سان گڏ ضرور رکو جيئن امڪاني هيٽ اسٽروڪ کان بچي سگھو.

بصر  ۾ غيرمستحڪم مادا هوندا آهن جيڪي جسم جي گرمي کي برابر رکڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. ته بصر کي رڳو گڏ ئي نه رکو پر گڏ رکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي خوراڪ جو لازمي حصو بڻايو، بصر کي گرمين ۾ ڪيترن طريقن سان استعمال ڪري سگھجي ٿو، ان کي ڪچو کائڻ کانسواءِ انب يا ٻين ميوون سان چٽڻي ٺاهڻ ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿو، ذائقو وڌائڻ ۽ وٽامن سي جي مقدار کي وڌائڻ لاءِ بصر تي ٿورو ليمون هڻي سگھون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.