تلهار ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

تلهار ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ٽنڊو باگي جي ڳوٺ سومر ڪلوئي جي رهواسين معصوم ٻچڙن سوڌو يامين، سليم، گلڻ  ڪلوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته بااثر تاجو ڪلوئي جي ملي ڀڳت بااثر چاڪر ڪلوئي، صوبو، نبي بخش، بچل ۽ ٻيا اباڻي زرعي زمين وٽ اڏيل گھرن  مان زبردستي لڏائڻ چاهين ٿا، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

هنن چيو بااثرن اسان جي ئي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ اسان جي گھرن اڳيان پنهنجا هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، حياتي کي خطرو آهي، ڊي سي، ايس ايس پي بدين ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.