استعفائن باوجود عمران خان سميت پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن کي پگھارون جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائون اڃا تائين منظور ناهن ٿيون جنهن ڪري کين پگھارون جاري ڪيون ويون.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرن کي انهن جي اڪائوٽنس ۾ مارچ کان 10 اپريل تائين جون پگھارون اماڻيون ويون آهن، 10 اپريل کانپوءِ پگھارن ۽ ٻين مراعتن جو فيصلو استعيفائن جي تصديق کانپوءِ ٿيندو.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرن کي پگھارن کانسواءِ ٻين اسيمبلي ميمبرن وانگي مراعتون به اڃا تائين مليل آهن، انهن وٽ اڃا تائين رهائشي(لاجز) به موجود آهن، جيستائين هڪ هڪ ماڻهو جي استعيفيٰ جي تصديق نٿي ٿي وڃي ان وقت تائين استعيفيٰ قبول نٿي ڪري سگھجي.

ذريعن موجب استعيفائون منظور ٿيڻ جو هڪ عمل آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ ضروري آهي، تيستائين ضابطن جي ڪارروائي مڪمل نه ٿيندي استعيفا قبول نه ٿيندا، پي ٽي آءِ پاران استعيفا اماڻيا ويا آهن جنهن کانپوءِ انهن کي منظور ڪرڻ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ يا اسپيڪر جي ذميواري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪجهه ڏينهن ۾ ان معاملي تي ضابطن جي ڪارروائي اڳتي وڌائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.