ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راڄڌاني واسين تي به ٻيهر بجلي بم ڪيرايو ويو، ڪي اليڪٽرڪ کي ٻيهر بجلي هڪ رپيو 38 پئسا مهانگي ڪرڻ جي اجازت ملي وئي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ بجلي هڪ رپيو 38 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب بجلي فيبروري جي لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي وصولي مئي جي بلن ۾ ٿيندي، فيول ايڊجسٽمينٽ لائف لائن صارفين تي نه ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.