اليڪشن ڪميشن 25 ميمبرن کي ڊس ڪواليفاءِ ڪري ته پنجاب حڪومت ختم ٿي ويندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ حڪومت ڪچي ڌاڳي سان ٻڌل آهي، اليڪشن ڪميشن 25 ميمبرن کي ڊس ڪواليفاءِ ڪري ته حڪومت ختم ٿي ويندي.

هن چيو ته جيڪڏهن اهي 25 ميمبر گهر هليا ويا ته ڪنهن وٽ 186 ميمبر نه رهندا.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نٿو ڪرائي سگهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.