پاڪستاني جبل چاڙهو دنيا جي ٽئين وڏي چوٽي به سر ڪري ورتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سان واسطو رکندڙ 26 ورهين جو نوجوان شهروز ڪاشف نيپال ۾ 8 هزار 586 ميٽر اوچي دنيا جي ٽئين وڏي چوٽي ڪنچن جنگا چوٽي سر ڪري دنيا جي ننڍي عمر واري ۽ ملڪ جي پهرئين جبل چاڙهو بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.
لاهور سان واسطو رکندڙ شهروز ڪاشف سيون سمٽ ٽريڪس طرفان منعقد ڪيل هن مهم ۾ نيپال سان واسطو رکندڙ نمجا ڀوٽي، پورنيما شريسٿا، منگ ٽيمبا، شيرپا، بيلجيئم سان واسطو رکندڙ روڊي بولائرٽ ۽ منگوليا مان ارينزول چلونباتر سان حصو ورتو.
ياد رهي ته شهروز ڪاشف کي 8 هزار 849 ميٽر اوچي دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ ۽ 8 هزار 611 ميٽر اوچي دنيا جي ٻي وڏي چوٽي ڪي ٽو سر ڪندڙ دنيا جي سڀ کان ننڍي ڄمار واري جبل چاڙهو هجڻ جو به اعزاز حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.