ملڪ ۾ قهر جي گرمي پوڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ هفتي دوران ملڪ ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب پنجاب، ڪي پي، اسلام آباد، جي بي ۽ آزاد ڪشمير ۾ گرمي پد معمول کان 9 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

بلوچستان ۾ به گرمي پد معمول کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو.

گرمي ۽ خشڪ موسم سبب فصلن ۽ باغن کي پاڻي جي کوٽ جو خطرو آهي ۽ گهڻي گرمي پد سبب بجلي جي کپت به وڌندي.

ذريعن موجب ايندڙ هفتي گرمي وڌڻ سان درياهن ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.