معذور ناري جي قبر کوٽي لاش ڪڍي ڦٽو ڪيو ويو

گجرات (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر گجرات ۾ اڻڄاتل جوابدارن طرفان ناري جو لاش قبر مان ڪڍي ڦٽو ڪرڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.

لاڏاڻو ڪري ويل ذهني ۽ جسماني معذور ناري جو لاش قبر مان ڪڍي بي حرمتي واري واقعي جي جاچ لاءِ ايس پي، ڊي ايس پي ۽ مقامي ايس ايڇ او تي ٻڌل ٽيم جوڙي وئي آهي.

پوليس موجب اهو افسوسناڪ واقعو ضلعي گجرات جي علائقي ٽانڊه ۾ پيش آيو جتي 4 مئي تي 20 سالا ذهني ۽ جسماني معذوري ناري فوت ٿي وئي هئي جنهن کانپوءِ ان کي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو هو.

جوابدارن رات جي وقت قبر کوٽي لاش ڪڍي اڇلائي ڇڏيو هو.

واقعي کانپوءِ پوليس فرانزڪ سائنس ايجنسي ٽيم پهتي، لاش جو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ جزا حاصل ڪري رپورٽ لاءِ موڪليا ويا آهن.

مقامي ماڻهن ۾ واقعي تي ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي.

ناري جي مامي عبدالخالق جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.