ڪراچي جي هر علائقي کي پاڻي ملڻ گھرجي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي ورهاست جو مسئلو آهي، واٽر بورڊ کي پاڻي جي ورهاست جو تفصيلي پلان ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته راڄڌاني واري شهر جي هر علائقي ۾ پاڻي ملڻ گھرجي.

وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ واٽر بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري سوڌو ٻين شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي کي 1000 ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي، جڏهن ته هن وقت ڪراچي کي 580 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي جاري آهي.

بريفنگ ۾ اختيارين ٻڌايو ته پاڻي جي 174 ايم جي ڊي لائن لوسز آهن، 406 ايم جي ڊي پاڻي فراهمي جاري آهي، شهر ۾ وڇايل پاڻي جي لائن گھڻي پراڻي آهي ۽ لائن پراڻي هجڻ ڪري پاڻي ضايع ٿئي ٿو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس ۾ چيو ته پاڻي جي لائن وڇائڻ لاءِ پراڻا واٽر سپلائي پائيپ مٽائڻا پوندا، واٽر سپلائي سسٽم کي بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ ڏهائي 59 ملين رپين جي اسيڪم جاري آهي.

مراد علي شاهه ٻڌايو ته 406 ايم جي ڊي پاڻي جي ورهاست اڻڌري هجڻ گھرجي، وڏي وزير مالي سال 23-2022 ۾ ڊبليو ڪي ڊبليو ايس بي جي اسڪيم کي سموري فنڊن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير اسڪيم تي تيزي سان ڪم ڪرڻ جا حڪم ڏيندي چيو ته ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي ان کي تيز ڪريو، ڪي ڊبليو ايس بي کي پنهنجو رويوينيو وڌائڻ جي ضروت آهي.

مراد علي شاهه اجلاس ۾ پاڻي جي چوري خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته واٽر بورڊ کي پنهنجي انتظامي نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.