واٽس ايپ تي هاڻي وڏي اسپيس واريون فلمون به موڪلي سگهبيون !

ميٽا جي ملڪيت هيٺ مشهور ترين ميسنجر ايپ ”واٽس ايپ“ ري ايڪشنز سان گڏ وڏيڪ 2 نوان فيچرز متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.

واٽس ايپ تي ايموجي سان پيغامن تي رد عمل سان گڏ هاڻي وڏا فائلز شيئر ڪري سگھجن ٿيون، جڏهن ته گروپ چيٽ ميمبرن جي انگ ۾ ٻيڻو اضافو به ڪري سگھجي ٿو.

ان فيچرز تي واٽس ايپ پاران ڪيترن مهينن کان ڪم جاري هو ۽ هاڻي هي سمورن صارفين کي ايندڙ هفتن ۾ دستياب هوندا.

گروپ چيٽ جي فيچر تحت هڪ گروپ چيٽ ۾ 256 جي جاءِ تي 512 ماڻهن کي شامل ڪرڻ ممڪن هوندو.

ان بابت واٽس ايپ جو چوڻ آهي ته گروپ چيٽ جو فيچر ايندڙ مهينن ۾ دستياب هوندو.

ٻيو فيچر ”100 ايم بي“ جي جاءِ ”2 جي بي“ تائين جي فائل موڪلڻ جو آهي.

واٽس ايپ موجب هي فائلز اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ هونديون ۽ هن سان ڪاروباري ادارن ۽ اسڪول گروپن کي مدد ملي سگھندي.

ڪمپني ٻڌايو ته وڏيون فائلز اماڻڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ واءِ فائي جو استعمال بهتر هوندو.

هي فيچر هڪ هفتي اندر سمورن صارفين کي دستياب هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.