ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا خلاف هوم سيريز جي لاءِ پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪئمپ سڀاڻي کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي، رانديگرياڻيون بائيو سيڪيور ببل جي پابندين کان آزاد هونديون.
سريلنڪا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل تي ٻڌل هوم سيريز لاءِ قومي رانديگرياڻين جي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪئمپ 18 مئي تائين حنيف محمد هاءِ پرفارمنس سينيٽر ڪراچي ۾ جاري رهندي.
ڪئمپ ۾ 26 رانديگرياڻين کي گھرايو ويو آهي جنهن ۾ ڪپتان، بسمه معروف، عاليه رياض، ڊيانا بيگ، فاطمه ثناءَ شامل ناهن.
هي 4 ڪرڪيٽرز دبئي ۾ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ کيڏنديون ۽ 17 مئي تي قومي ڪئمپ جوائن ڪنديون.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ ٽئين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز 24 مئي کان ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.