سنڌ ۾ پاڻي بحران، زرعي معيشت کي خطرو آهي: منظور وساڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، سنڌ جي زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ 45 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي، حصي جو پاڻي نه ملڻ سان سنڌ جي زرعي معيشت کي خطرو آهي.

سنڌ جي زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۾ پاڻي جي گھٽتائي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، پاڻي کوٽ سان ڪمند، ساريون، مرچ، زيتون ۽ کجين جي باغن کي نقصان ٿي سگھي ٿو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آڪٽوبر 2018 کان مارچ 2022 تائين سنڌ کي 189 ڏهائي 29 ملين ايڪڙ فٽ زرعي پاڻي گھٽ مليو آهي.

زراعت واري صلاحڪار چيو ته عمران حڪومت ۾ سنڌ کي حصو جو پاڻي گھٽ ملڻ سان گذريل سال ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جا فصل گھٽ ٿيا.

منظور وساڻ جو چوڻ هو ته ساڍن ٽن ورهين ۾ سنڌ جو حصو 161 ڏهائي هڪ ملين ايڪڙ فٽ ٺهي ٿو، جڏهن ته گذريل ساڍن 3 سالن ۾ سنڌ کي خريف ۾ پاڻي 16سيڪڙو ۽ ربيع ۾ 22 سيڪڙو گھٽ مليو آهي.

منظور وساڻ جو چوڻ هو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي پورو ڏنو ويو، ڪٽوتي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

ٻئي پاسي راجنپور جي داجل ڪينال ۾ ٽن مهينن کان پاڻي جي بندش خلاف هارين احتجاجي ڌرڻو به ڏنو.

ارسا ترجمان چيو ته مينهن جي ڪري دريائن ۾ پاڻي جي آمد ۾ بهتري آئي آهي، سنڌ کي پاڻي جي فراهمي 32 هزار ڪيوسڪ کان وڌائي 60 هزار  ڪيوسڪ ڪري ڇڏي آهي، پاڻي 6،5 ڏينهن ۾ سکر پهچندو.

سکر، گڊو ۽ ڪوٽري بيراجن تي 51 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، پاڻي جي چوري ۽ کوٽ خلاف آبادگارن بدين ۾ احتجاجي مظاهرو به ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.