فحش ۽ غيراخلاقي مواد پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سوشل ميڊيا تي فحش ۽ غيراخلاقي وڊيوز سان ماڻهن کي بدنام ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو.

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي غيراخلاقي مواد پکيڙيندڙن کي گرفتار ڪنداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اهڙي مواد کي برداشت نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته سوشل ميڊيا کي ماڻهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، اهڙا واقعا روڪڻا آهن جنهن ۾ اهڙي مواد کي بليڪ ميلنگ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، اسان اهڙين ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث عنصرن کي سختي سان منهن ڏينداسين.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته غيراخلاقي وڊيوز  ۽ تصويرن سميت اهڙي قسم جو گند پکيڙيندڙن جو صفايو ڪنداسين، ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.