اسلام آباد(م ڊ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مسجد نبوي بي حرمتي ڪيس ۾ گذريل ڏينهن ڊيوٽي جج اٽڪ شيخ راشد شفيق کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ڊيوٽي جج وڊيو پيغام جي تصديق لاءِ پوليس کي شيخ راشد شفيق کان موبائل هٿ ڪري ان جي فرانزڪ پڻ حڪم جاري ڪيو. گذريل ڏينهن مسجد نبوي بي حرمتي واقعي بابت پنهنجي هڪ اهم بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڊيوٽي جج جي پُڇاڻي باوجود شيخ راشد شفيق جو پنهنجو موبائل فون پوليس حوالي نه ڪرڻ عمران نيازي ۽ شيخ رشيد جي مسجد نبوي بي حرمتي واري ۾ سنئون سڌو ملوث هجڻ کي هٿي بخشي ٿو. مسجد نبوي بي حرمتي واقعي تي عمران نيازي کي بطور پي ٽي آءِ چيئرمين قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته مسجد نبوي بي حرمتي واقعي ۾ ملوث پي ٽي آءِ ميمبرن خلاف فوري طور ڪارروائي عمل ۾ اچڻ گهرجي.