حڪومت روس کان تيل خريد ڪندي ته سبسڊي نه ڏيڻي پوندي: حماد اظهر

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت روس کان 30 سيڪڙو کان گهٽ اگهه تي تيل خريد ڪري وٺي ته سبسڊي نه ڏيڻي پوندي، پر مون خبر آهي ته امپورٽيڊ حڪومت روس سان معاهدو نه ڪندي، مفتاح اسماعيل جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيکاريندي هن چيو ته ناڻي واري وزير پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن بابت مونجهارا پيدا ڪيا آهن، اسين 32 ڏينهن جي پيٽرول جو اسٽاڪ ڇڏي ويا هئاسين، هنن پاڻ هٿراڌو طور تي ڊيزل جو بحران پيدا ڪيو آهي، هن چيو ته حڪومت هڪ ووٽ تي بيٺل آهي، ڊيزل ۽ پيٽرول مهانگو ڪرڻ سان مهانگائي جو طوفان ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.