ڪراچي (رپورٽر ) ملڪ جي سڀ وڏي شهر ڪراچي ۾ عيد جي ٻن ڏينهن دوران روڊ حادثن ۾ 14 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، شهرين موجب ڪراچي ۾ ڪافي هنڌن تي موٽر سائيڪل سوار خطرناڪ ڪرتب ۽ ون وهيلنگ ڪندا رهيا، رڪشائن وارا به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا، تيز رفتاري دوران بسون پڻ ڪلٽي ٿيون، ماڙيپوڙ، پهلوان ڳوٺ، جيل چورنگي، يونيورسٽي روڊ، لياقت آباد، اسٽيل ٽائون، لنڪ روڊ ،نادرن باءِ پاس، ڪٽي پهاڙي، گورا قبرستان ۽ ٻين علائقن ۾ حادثا پيش آيا جنهن دوران 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.