فرحت خان کي دبئي کان پاڪستان آڻي عمران خلاف جاچ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرحت شهزادي عرف فرح گوگي کي دبئي کان پاڪستان آڻڻ  جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب حڪومت اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست ۽ ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيندڙ فرحت شهزادي عرف گوگي کي دبئي کان پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، فرح گوگي تي الزام آهي ته هن عمران نيازي جي فرنٽ مين جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ان حوالي سان ان کان حقيقتون پڇڻيون آهن. فرح گوگي مٿان جيڪي الزام سامهون آيا آهن انهن جي جاچ لاءِ فرح خان جي موجودگي ضروري آهي. ذريعن چيو آهي ته فرح گوگي کي دبئي کان واپس آڻڻ جي قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو آهي ته حڪومت طرفان تحريڪ انصاف سينٽرل سيڪريٽريٽ جي چئن ملازمن جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل به حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ملازمن ۾ طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رفيق شامل آهن. ان ملازمن جي نجي اڪائونٽس ۾ 2008 کان وٺي 2022 تائين جيتري رقم آئي آهي ان جو رڪارڊ حاصل ڪيو وڃي ۽ ان جي نجي اڪائونٽس ۾ ايندڙ ڳري رقم جو رڪارڊ اسٽيٽ بئنڪ کان گهرايو پيو وڃي. جڏهن ته شاهدين جي روشني ۾ گرفتاريون به عمل ۾ اينديون. ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازي پرڏيهي فنڊنگ جا 2013 کان 2022 جو 9 سالن جو رڪارڊ به گهرايو ويو آهي، تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ صرف 5 سالن تائين جي عرصي جو رڪارڊ آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ اليڪشن ڪميشن کي مالي سال 2008-9 کان 2012-13 جي مدي جو رڪارڊ فراهم ڪري چڪو آهي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته ان مدي کان پوءِ تحريڪ کي ان کان به وڌيڪ ۽ ڳريون غيرقانوني رقمون ڏنيون ويون. رڪارڊ مان خبر پئي ٿي ته عمران خان ڌرڻي دوران ڪنهن ڪنهن کان پئسا ورتا، انڊيپينڊنٽ آڊيٽرز جي ذريعي رڪارڊ جي فارنزڪ جاچ پڙتال ٿيندي ۽ ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر رڪارڊ حاصل ڪري ڪارروائي ڪندا. ٻئي طرف ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته حڪومت تحريڪ انصاف ۽ عمران خان نيازي جي ڳجهي انٽرنيشنل بئنڪ اڪائونٽ جي رڪارڊ لاءِ عالمي بينڪس کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي دور ۾ ڊيٽا ايڪسچينج ايگريمينٽ ٿيو هو. ان معاهدي جي تحت ايف بي آر کي قانوني اختيار حاصل آهي ته اهو عالمي بينڪس کان رڪارڊ حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ان معاهدي تحت ڪارروائي عمل ۾ ايندي. حڪومت طرفان آمريڪا، برطانيه، ڪينيڊا، ناروي، فن لينڊ، ناروي، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا سميت ٻين پرڏيهي بينڪ اڪائونٽس جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويندو، ذريعن موجب حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازي جي گوشوارن ۽ آمدني جي جانچ پڙتال ڪرائڻ جو به فيصلو ڪري ورتو آهي. گوشوارن ۽ سامهون ايندڙ رڪارڊ جو جائزو وٺي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

  • نيازي جي سياست جو ليول فرح گوگي جي دفاع تائين رهجي ويو: احسن اقبال

اسلام آباد(م ڊ) منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مضبوط معيشت ئي مضبوط ۽ آزاد پاڪستان جي ضمانت آهي، عمران نيازي جي سياست جو ليول فرح گوگي جي دفاع  تائين رهجي ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران نيازي پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ سڄي قوم کي آمريڪا جو غلام ثابت ڪري رهيو آهي، پاڪستاني قوم خوددار ۽ باوقار قوم آهي. هن چيو ته 28 مئي 1998ع کانپوءِ ڪوبه پاڪستان کي ڊڪٽيشن نٿو ڏئي سگهي.

  • فرح جا ترانا پيا ڳايو، پهرين ڪيس ته تيار ڪريو: فرح جو مڙس

لاهور(م ڊ) فرح خان جي مڙس احسن جميل گجر  عطا تارڙ جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان جي مٿان الزام ڪوڙا آهن، هنن کي عمران خان خلاف ٻيو ڪجهه هٿ نه ٿو اچي تڏهن فرح تي الزام هڻي رهيا آهن، اسان پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪابه ايمنسٽي نه ورتي، پرڏيهه اچ وڃ اسان جو معمول آهي، جلد پاڪستان موٽي اينداسين، اسان کي ڪنهن به اداري جو نوٽيس وغيرا نه مليو آهي، هن چيو ته صبح ۽ شام فرح جا ترانا پيا ڳايو، پهرين ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت فرح کي ڏيهه آڻيندا، ان لاءِ ڪيس ته تيار ڪريو. هن چيو ته ڪاروبار مان پئسو ڪمايو آهي، ڪابه ڪرپشن نه ڪئي آهي، اسان جو  99 سيڪڙو ڪاروبار عمران خان جي حڪومت کان اڳ جو آهي. ان ۾ ڪهڙي قانون تحت مداخلت ڪري رهيا آهيو؟ عمران خان ۽ سندس گهر واري سان ڪوبه ڪاروبار نه آهي.

  • فرح گوگي وطن واپس اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ) پنجاب ۾ ڪرپشن الزامن کي منهن ڏيندڙ فرح گوگي وطن واپس اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. انسٽاگرام تي فرح گوگي چيو آهي  ته حڪومت  کيس هراسان ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.  فرح گوگي چيو ته گهرو وزير کيس دبئي کان واپس ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جو بيان ڏنو آهي پر هو ته پاڻ وطن اچڻ جو منصوبو بڻائي رهي آهي. هن چيو ته هڪ عام شهري جنهن ڪڏهن سرڪاري آفيس ۾ ڪم ئي ناهي ڪيو ته کيس اوچتو ايتري شهرت ڪيئن ملي، ظاهر آهي ته مونکي ڪنهن ٻئي کي شڪار ڪرڻ جو وسيلو بڻايو پيو وڃي. 03

  • فرح گوگي عمران خان جي چوڻ تي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي: عطا تارڙ

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته فرح گوگي پنجاب حڪومت جهڙي طرح هلائي ايئن ته نجي ڪمپنيون به نه ٿيون هلايون وڃن، هن عمران خان  جي چوڻ تي پنجاب ۾ ڪيترائي سئو ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي، فرح گوگي جيڪو ڪجهه ڪمايو اهو عمران خان جي بي نامي طور ڪمايو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته فرح گوگي وٽ 32 ڪروڙن جو ڪوبه مني ٽريل نه هو، عمران خان جي حڪومت اچڻ وقت گوگي جا اثاثا 21 ڪروڙ هئا، هن وقت مارچ تائين 85 ڪروڙ آهن، ڇا عمران خان کي انهن 85 ڪروڙ رپين جي ڄاڻ ناهي.

  • معيشت تباهه ڪندڙ هاڻي فرح کي بچائڻ نڪتو آهي: شازيا مري

حيدرآباد(رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وزارت سنڀالڻ کان پوءِ  شازيا مري پهريون ڀيرو پنهنجي اباڻي ڳوٺ راونگي دوران حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام تي مهانگائيءَ جو بار وڌو ويو، عوام جي پيٽ ۾ ماني ناهي، پر عمران خان چوندو هو ته ملڪ ۾ آءٌ آلو ۽ ٽماٽا ڏسڻ يا ان جا اگهه طئي ڪرڻ لاءِ وزيراعظم نه بڻيو آهيان. گذريل حڪومت صرف ان لاءِ نااهل نه هئي بلڪ بي حس حڪومت هئي، جنهن ڪڏهن به عوام جي مسئلن کي تسليم نه ڪيو، چوندا هئا ته معيشت تمام سٺي آهي ۽ اينڊيڪٽرز تمام سٺا آهن، ڪنهن جا اينڊيڪٽرز سٺا هئا، عمران خان ڇا فرح گوگي جي اڪائونٽ جا اينڊيڪٽرز سٺا هئا، شازيه مري چيو ته عمران خان ٻُڌائي ته ان جون ڪهڙيون مجبوريون آهن جو هو فرح کي بچائڻ نڪتو آهي. عمران خان ان ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري هاڻ فرح کي بچائڻ لاءِ نڪتو آهي. عمران خان جي نظر ۾ فرح گوگي بچائڻ اهم آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.