باڊهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف شهري ٻارن سميت خالي ڊرم کڻي روڊن تي نڪري آيا

باڊهه (رپورٽ:نظام ڪولاچي ) درگاهه واسين سان پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون انتظاميا جو ظلم گهٽجي نه سگهيو. عيد وارن ڏينهن دوران به معصوم ٻار دٻا، گهگهيون، چوُنريون ۽ ڊرم کڻي ڏورانھين علائقن مان پاڻي ڀري رهيا هئا. درگاهه واسين لاءِ عيد جون خوشيون بي معنيٰ بڻيل رهيون. پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون انتظاميا جي مسلسل ڪن لاٽار ۽ نااهلي سبب عيد جي ٽئين ڏينهن به درگاهه واسي معصوم ٻار بزرگ ۽ نوجوان واپاري اڳواڻ حاجي سڪندر علي ڪانڌڙو، شفن ابڙو، حبيب الله مشوري ۽ وسيم ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ پاڻي ڀرڻ وارا خالي ڊرم کڻي روڊن تي نڪري آيا. ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي حاجي سڪندر علي ڪانڌڙو ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته درگاهه واسين کي آخر ڪهڙي گناهن جي سزا ڏني پئي وڃي گذريل 2مهينن کان روڊن تي نڪري احتجاج ڪري پيئڻ جي مٺي پاڻي جي گهر ڪري رهيا آهيون مگر لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن توڙي علائقي جي چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونءِ به نه پئي سري، هنن چيو ته اليڪشن مهمن دوران نمائندن باڊهه کي پئرس بڻائڻ جا واعدا ڪيا مگر گذريل 15 سالن ۾ باڊهه شهر اندر ترقياتي منصوبن جي هڪ سر به نه لڳي سگهي هن سولر سسٽم واري جديد دور ۾ به موٽر خراب هئڻ، بجلي وولٽيج گهٽ هئڻ سميت سوين ڪوڙن بهانن ذريعي پبلڪ هيلٿ کاتي جي سرويئر باڊهه شهر جي ماڻهن کي پئيڻ جي پاڻي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.