ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي ۾ ڏڪاري حالتون

ٺٽو: ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ پاڻي کوٽ بعد ڏڪاري حالتون، ڪوھستان واسين سميت چوپايو مال به اڃ مرڻ لڳو، آر او پلانٽ به  ناڪاره بڻيل، انتظاميا ڪوبه  تحرڪ نه  ورتو، ڪوھستان واسي سراپا احتجاج بڻيل، ان سلسلي ۾ ٺٽي جي وسيع تر ڪوھستاني پٽي جي مختلف علائقن جي ڪوھستان واسين صالح محمد چانگ، الھبچايو چانگ، مينھن وسايو چانگ، ملان امام بخش بروھي ۽ بين دانھيندي چيو آھي ته  ڪوھستان ۾ جر جو پاڻي ختم ٿيڻ ڪري کوھن جو به  پاڻي کارو ٿي ويو آھي، ڪوھستان واسي پاڻي لاءِ پريشان آھن، ھنن چيو ته  جھمـپير ويجھو امير پير ڀرسان ڪينجھر ڍنڍ مان ڪوھستان جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪندڙ پاڻي واري لائين ناڪارہ ھجڻ ڪري ڪوھستان واسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آھن، جڏھن ته  جھمپير ويجھو چکرو مڪان وٽان ڪينجھر ڍنڍ مان وڌيڪ ٻين ڪوھستاني ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪندڙ واٽر سپلاء جون به  لائينون ناڪارہ ھجڻ سان گڏ ڪوھستاني ۾ لڳل آر او پلانٽ به  ناڪاره  بڻيل آھن، جنھن ڪري ڪوھستان واسي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا آھن، سندن چوپايو مال به  اڃ مرڻ تي مجبور بڻيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.