ٺٽو: جيئي سنڌ قومي محاذ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھر دور ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو وڃي ٿو، سنڌ جي زراعت جو معاشي قتلام ٿي رھيو آھي، ھن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ سي پيڪ سميت ونڊ انرجي تحت ميگا منصوبا ھلي رھيا آھن پر ان جي باوجود ٺٽو ضلعي جو عوام ھر بنيادي سھولت کان محروم آھي، ڪينجھر ڍنڍ مان ڪراچي ۽ بحريا ٽائون کي پاڻي ته ڏنو وڃي ٿو پر ٺٽي جي عوام جو ڪينجھر جي پاڻي تي ڪوبه حق ناھي، جيڪو ھتان جي عوام سان سراسر ظلم آھي، ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي،