سيوھڻ (رپورٽ:خالد ميمڻ) بوبڪ ڀرسان ڳوٺ رسول بخش رودناڻي ۾ سڱاوتي تان پڦاٽن ۽ ماروٽن ۾ جھيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڀائر شمشاد ۽ اصغر رودناڻي زخمي ٿي پيا، جن کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو، جتي 25 ورھين جي شمشاد پٽ عارب رودناڻي دم ڏئي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جاويد رودناڻي، پرويز ۽ اشفاق رودناڻي جو پنهنجي پڦاٽن سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو ۽ ڪيترائي ڀيرا ان معاملي تان جھيڙو به ٿيو، ڪالهھ ڄاڻايل جوابدارن متاثر ڌر جي گھر وڃي پسٽل جا فائر ڪري شمشاد کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ اصغر زخمي ٿي پيو.