شاهه بندر ۾ ڀائرن ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

چوهڙ جمالي (رپورٽ:اسماعيل ميمڻ) شاهه بندر ۾ ڀائرن ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب جونگو جلباڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنڊو نوحاڻي ۾ابراهيم حيدري ڪراچي واسي ڀائرن مبينا طور پسٽل جا فائر ڪري پنج ٻارن جي ماءُ 30 سالن جي سومري زال عمر نوحاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. جونگو جلباڻي پوليس مقتول عورت جو لاش چوهڙ جمالي رورل هيلٿ سينٽر مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. مقتول عورت جي مڙس عمر نوحاڻي الزام هڻندي چيو ته اسين گهر کان ٻاهر هئاسين ته خبر پئي ته منهن جا سالا حيدر نوحاڻي، سڪندر نوحاڻي ۽ مقتولڻ جو ڀاڻيجو عاشق نوحاڻي ابراهيم حيدري کان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ پهتا، جن گهر ۾ ماني پچائيندڙ منهنجي زال تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب مقتولڻ جي مڙس کان بيان ورتو ويو آھي، جنهن جو به ساڳيو موقف آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.