پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل حادثي ۾ زخمي، حملي جو الزام

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شهباز گل حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو آهي. جڏهن ته هن حملي جو الزام لڳايو آهي. ذريعن موجب شهباز گل سان گڏ 3 ماڻهو ٻيا به ڪار ۾ سوار هئا جيڪي معمولي زخمي ٿيا آهن. واقعو لاهور، اسلام آباد موٽروي ايم 2 تي پيش آيو آهي. شهباز گل جي گاڏي کي پٺيان کان ايندڙ گاڏي ٽڪر هنيو. ٻئي طرف موٽر وي پوليس حادثي جي شروعاتي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي.  شهباز گل گاڏي نمبر اي ٽي يو 866 تي اسلام آباد کان لاهور وڃي رهيو هو. موٽر وي پوليس حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج جو جائزو وٺي رهي آهي. رپورٽ موجب پٺيان کان ايندڙ گاڏي طرفان وقت تي بريڪ نه لڳائڻ حادثي جو سبب بڻيو. هوڏانهن  تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي گاڏي جو پيڇو ڪندي ڄاڻي واڻي هِٽ ڪيو ويو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز گل چيو ته اهو هڪ منصوبي تحت ڪيو ويو، قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي مولا ۽ قوم جي دعائن جي ڪري جيئرو آهيان.سندس موجب مان ڪالهه ئي توهان کي چيو هو ته وڌ کان وڌ توهان اسان کي قتل ڪرائيندئو؟ ڪرائي ڇڏيو پر غداري نه ڪندس.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.