وڏي وزير پاران سيڙپڪاري پاليسي جوڙڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي سيڙپڪاري کاتي کي مختلف شعبن ۽ اقتصادي زونن ۾ سيڙپڪاري  جي آڇ لاءِ سيڙپڪاري پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسان وٽ صوبي ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آهن پر اسان کي بهترين پاليسي جوڙڻي پوندي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ وڏي وزير جي سيڙپڪاري بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ، ايڊيشنل سيڪريٽري ناڻو اسد ضامن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو ڪراچي جي لنڪ روڊ تي ايجوڪيشن سٽي بابت اجلاس جي صدارت ڪري ۽ ٻيا سمورا مسئلا حل ڪري ته جيئن ان کي بهتر انداز ۾ شروع ڪري سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.