نوجوان ناري جو لاش ٻئي ڏينهن قبر ٻاهران مليو، ڪفن چوري!!

گجرات(م ڊ) گجرات جي ڳوٺ ٽنڊا ۾ فوت ٿيل نوجوان ناري جو لاش ٻئي ڏينهن قبر ٻاهران اگهاڙي حالت ۾ مليو، جڏهن ته ڪفن چوري ٿي  ويو، ناري جي وارثن موجب هنن ٻئي ڏينهن قبر تي وڃي ڏنو ته قبر مان لاش گم هو، ڳولا ڪئي ته ڀرسان ٻين قبرجي وچ ۾ پيل هو، جيڪو رئي سان ڍڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي لاش اسپتال متقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد ٻيهر پوليس جي پهري ۾ دفنايو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ڳوٺ جو ئي ڪو ماڻهو ملوث ٿي سگهي ٿو، جاچ ڪئي پئي وڃي، هيل تائين 12 شڪي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو آهي، جن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، شڪي ماڻهن جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي. ناري جي وارثن موجب ناري ۽ سندس ڀاءُ معذور هئا، هو اهي ڊاڪٽرن بدران درويشن کان علاج ڪرائيندا هئا پر ٺيڪ نه ٿيا. ڳوٺاڻن موجب لاش جي بي حرمتي جو هي پهريون واقعو پيش آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.