سرهاڙي ۾ بابو ڇن شاخ جو پاڻي بند، فصل سڪي سڙي ويا

سرھاڙي ( رپورٽ:مھدي رضا مري) سرھاڙي ۾بابو ڇن شاخ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب فصل سڪي سڙي ويا. ان سلسلي ۾ آبادگار  محرم علي، لطف علي ۽ ٻين عوامي آواز کي ٻڌايو ته آبپاشي عملدارن بابو ڇن شاخ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان وٽ پاڻي جي شديد کوٽ ٿي وئي آھي، ڪاھيل فصل سڪي رهيا آهن پر ھاڻي ته پيئڻ لاءِ به پاڻي ناھي. ھنن چيو ته اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي، ڪيتري عرصي کان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪئي وئي آھي بااثر زميندارن کي پاڻي مھيا ڪيو پيو وڃي جڏھن ته ننڍن آبادگارن کي پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسايو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي آبادگارن کي تباھي کان بچايو وڃي. ھنن چتاءُ ڏنو ته بابو ڇن شاخ کي پاڻي نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

  • رياض شاهه شيرازي پاران آبپاشي انجنيئر پاڻي کوٽ جو ذميوار قرار

ٺٽو: پ پ پ ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي ٺٽي ۾ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جو ذميوار آبپاشي کاتي ٺٽي جي انجنيئر رحيم قريشي کي ذميوار قرار ڏيندي  سندس خلاف اعليٰ اختيارين کي رپورٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ ڇتي چنڊ ۾ ڌرڻي دوران ايم پي اي رياض شاھ شيرازي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته  پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ۽ آبپاشي کاتي جي انتظامي نااھلي جي ڪري ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، آبپاشي کاتي جي انجنيئر پاران پاڻي جي ورھاست منصفاڻي ناھي ڪئي وئي، سندس نااھلي جي ڪري ضلعي جو عوام پاڻي لاءِ تڙپي رھيو آھي  ھن چيو پ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سميت ايريگيشن کاتي جي انجنيئر کي به آگاھ ڪيو ويو آھي، ان موقعي تي پ پ پ ضلعي ٺٽي جو اڳواڻ وڏيرو رسول بخش جاکرو، حاجي حنيف ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا،

  • سنڌ ۾ جر جو پاڻي تيزي سان ڪڍڻ تي ڳڻتي

ڪراچي(رپورٽر )سنڌ سرڪار پاران دريائي پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ جر جو پاڻي  تيزي سان ڪڍڻ تي ڳڻتي جو اظھار. سنڌ جي ماحوليات کاتي واري صوبائي وزيراسماعيل راھو سنڌ جي عوام کي جر جو پاڻي گھٽ استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آھي ته سنڌ جي عوام کي اپيل آھي ته زير زمين پاڻي ضرورت مطابق استعمال ڪن،عمران خان جي گذريل 4 سالن دور ۾ سنڌ کي دريائي پاڻي گهٽ ملڻ جي ڪري جر جي پاڻي جي پمپنگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي آھي،دريائي پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ جر جي پاڻي جي پمپنگ تيزي سان وڌڻ تي ڳڻتي آھي. اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته بي پناھ مھانگائي سبب جر جي پمپنگ تي خرچن ۾ به تمام گھڻي واڌ ٿي آھي، گذريل 4 سالن ۾ فصلن جي پيدا واري لاڳت ۾ به 3گنا وڌيڪ اضافو ٿيوآھي،پاڻي جي مسلسل گھٽتائي سبب جنوبي سنڌ جو زيرزمين پاڻي ته ناقابل استعمال بڻجي چڪو آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.