سنڌ سرڪار وفاق کي صوبي جي حصي جو پاڻي ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کان سنڌ صوبي کي حصي جو پاڻي  ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. جاري ٿيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، وفاقي حڪومت ان معاملي  تي نوٽس وٺي. صوبي ۾ آبپاشي سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻي جي به شديد کوٽ آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جو ملڪ جي زرعي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي. ملڪ جي معيشت کي پهريان ئي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، وڌيڪ مشڪلات جو شڪار ٿي ويندي. پاڻي جي قلت سان زرعي پيداوار ۽ فروٽ جا باغ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هاري ۽ آبادگار پريشان آهن، فصلن تي لاڳت جا خرچ به وصول نه ٿا ٿين. صوبائي وزير وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي ته سنڌ کي 1991 ع جي معاهدي تحت پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيرن جي کوٽ سبب پاڻي جي قلت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ  صوبن ۾ 1991 پاڻي فارمولي تحت ورهاست ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.