ڪنڊيارو لڳ روڊ حادثو،سيٺارجا واسي 3 نوجوان فوت، 7 ڄڻا زخمي

ڪنڊيارو/سيٺارجا (نمائندن وٽان)ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار ۽ لوڊر رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾  سيٺارجا واسي 2 ڄڻا عادل ۽ انصار لنڊ ٿڏي تي فوت  ٿي ويا جڏھن ته اسامه،عرفان، عظيم، اطهر، رمضان، علي جڙيل، شعيب، غلام اڪبر زخمي ٿي پيا.زخمين مان  اسامه کي ڪنڊيارو کان گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو به زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.فوتين جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد سيٺارجا جي ڳوٺ پير ٻڍڙو نيا ويا، جتي کين مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.ٻڌايو وڃي ٿو ته سيٺارجا جي ڳوٺ پير ٻڍڙو جا رهواسي سيوهڻ ۾ درگاهه قلندرتان حاضري ڀرڻ بعد پنهنجي ڳوٺ رڪشا تي واپس اچي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.