ڪراچي واسي 2 نوجوان ڪينجهر ۾ وهنجندي ٻڏي فوت

سونڊا(رپورٽ: ارشاد گندرو) ڪينجهر ڍنڍ ۾ وهنجندي ڪراچي واسي 2 نوجوان ٻڏي فوت، لاش وارثن حوالي. خبر موجب عيد جي موڪلن  دوران ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ آيل ڪراچي جي ملير واري علائقي جا 2 نوجوان سونو ۽ دانيال ڪينجھر ڍنڍ ۾ وھنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويا، مقامي ٽوٻن وڏي ڳولا بعد ٻنھي نوجوانن جا لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال آندا ويا، جتي ضروري ڪاروائي بعد نوجوانن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي لاش کڻائي ڪراچي طرف روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.