مافيا دوائن جي مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ نٿي چاهي: سوسائٽي آف ميڊيسن

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ يونيورسٽي آف ھيلٿ اينڊ سائنس لاھور جي وائيس چانسلر پروفيسر جاويد ڪرام پروفيسر ڊاڪٽر  فرحان عيسيٰ ،پروفيسر زمان شيخ پروفيسر صوميا اقتدار ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس ، پروفيسر جاويد اڪرم چيو ته جڏهن صحت جي ڳالهه ڪجي ٿي ته جتي ڊاڪٽرن جو ڪردار آهي ته اتي صحافين جو به وڏو ڪردار آهي پاڪستان آبادي ۾ واڌ سبب ٽئين نمبر تي اچڻ وارو آهي ،پاڪستان ۾ ھر ٻئي شخص کي بلڊپريشر شگر ڪڊني فيل ٿيڻ آهي وسيلن جي ڪمي سبب 55 لک مشينن جي ضروت آهي ھن وقت 29 ھزار مشينون موجود آهن ھنن جو ھڪ حل ھي به آهي ته آگاھي مھم ھلائي وڃي ھن چيو ته چاھيون ٿا ته  پاڪستان اندر آمريڪا يورپ ۾ استعمال ٿيندڙن دوائون استعمال ڪيون،پروفيسر زمان شيخ چيو ته مافيائون ملڪ ۾ دوائون ٺاهڻ جي صنعت اڏو رڪاوٽ بڻيل آهي، اهي دوائون سستيون پونديون.  نجي ميڊيڪل سينٽر تي صرف 9 سيڪڙو ماڻهون جي پھچ آهي باقي 91 سيڪڙو غريب علاج ۽ فيس برداشت  ڪانه ٿو ڪري سگھي عزيز رحمان چيو ته ھن ٽي روزا  سيشن ۾ سائنٽيف پروگرام ٺاھڻ جو ڪم آهي ريسچر يو اي اي مصر سميت ٻين ملڪن جا ريسرچر اچي رھيا آهن آمريڪا لنڊن جا ريسرچر وڊيو لنڪ زريعي آگاھي ڏيندا،پروفيسر ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ چيو ته 6 کان 8 مئي تائين ٿيندڙ ڪانفرنس صحت جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي آهي،  پروفيسر آفتاب محسن پاڪستان چيو ته سينيئر ڊاڪٽرن کي مريضن سان پارٽنرشپ ڪرڻ به سيکاريو ويندو ھن ڪانفرنس ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ وٽان ملندو پاڪستان ۾ بيسڪ خام مال 90 سيڪڙو ٻاھران اچي رھيون آهن  پاڪستان اندر ھڪ مافيا آهي جيڪا نٿي چاھي دوائون جي انڊسٽري ٺھي ۽ ريسرچ تي ڪم ٿئي ۽ مارڪيٽ ۾ سٺيون دوائون اچن 25 سيڪڙو ماڻهو بغير ڊاڪٽر جي تجويز جي ميڊيڪل اسٽور تان پاڻ دوائون خريد ڪري ٿو،هن چيو ته شگر جي مريضن جو تعداد 22 سيڪڙو ماڻهو کي شگر آهي جيڪا ايندڙ وقتن ۾ 35 سيڪڙو تي پھچندي، پروفيسر زمان شيخ چيو ته مقامي طور تي دوائون ٺهڻ گهرجن، مافيا ملڪ ۾ مقامي صنعت آڏو رڪاوٽ بڻيل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.