سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي

اسلام آباد/ڪراچي(بيورو+رپورٽر+ م ڊ)  سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ عيد نماز جو سڀ کان وڏو اجتماع فيصل مسجد ۾ ٿيو. صدر مملڪت  ڊاڪٽر عارف علوي عيد نماز اسلام آباد جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد نماز رائيونڊ ۾ ادا ڪئي.  ڪراچي ۽ ڪوئٽه سميت ملڪ جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عيد الفطر جي اجتماعن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ بقا لاءِ دعائون گهريون ويون. جڏهن ته خطيبن پنهنجي خطبن ۾ مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي مذمت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.