ٽنڊي باگي ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوباگو(ت ر) ٽنڊي باگي لڳ نصير واه جي اڊوڙي ٽيل واري ريگيوليٽر تي نصير واه ڊائون سميت ٻين واهن جي آبادگارن جي وڏي تعداد  ، خدا ڏنو شاه پرويز آرائين، غلام نبي چانڊيو۽ٻين جي اڳواڻي ايريگيشن سب  ڊويزن ٽنڊوباگو ائٽ تلھار جي ايس ڊي او شاڪر ميمڻ پاران اڊوڙي ٽيل تي پهچڻ بعد آبادگارن ايس ڊي او ايريگيشن جي اڳيان پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نصير واه ڊائون سميت احسان ۽ لنڊو واه تي ٽن مهينن کان وٺي پاڻي نه اچڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جي ڍڪ لاءِ پريشان آهيون. هنن چيو ته فوري طور تي نصير واه مان نڪرندڙ واهن کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ان موقعي تي ايس ڊي او ايريگيشن شاڪر ميمڻ ٻڌايو ته آبادگارن جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي نصير واه ڊائون تي لڳل غير قانوني ڪٽ، ٽٽل واٽر ڪورسن کي بند ڪري پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.