اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ ا ڳواڻ اسد عمرچيو ته ججن کي ٻڌايو ته آرمي چيف کي تبديل ڪري سگهجي ٿو ان ڪري رات مهل عدالتون کولرايون ويون، فوج جو سربراهه ڪير هوندو ان لاءِ ڪابينا جي فيصلن جي ضرورت ناهي، ڪابينا اجلاس جو مقصد پرڏيهي خط هو،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته افواهه پکيڙيا ويا ته عمران خان آرمي چيف کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، کل جوڳا افواهه پکيڙڻ واري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، رات جو 12 وڳي خبر پئي ته عدالتون کلڻ شروع ٿي ويون آهن، خبرون اچڻ شروع ٿي ويون ته تمام وڏو آئيني بحران پيدا ٿي ويو آهي، هن چيو ته قيدين جي وين جي اسان کي خبر نه هئي، ٽرپل ون برگيڊ جي خبر ڪوڙي هئي، اسد قيصر جي استعيفيٰ جي منظوري عمران خان سان ٿي، عدليه مقننه جي اختيارن ۾ مداخلت ڪئي، اسان سپريم ڪورٽ تي حملو ڪندڙ پارٽي ناهيون، اسان سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪيو، بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ کان اسان انڪاري نه هئاسين، هن چيو ته مارشلا ۽ ٻيا افواهه پکيڙيندڙ وائکا ٿيڻ گهرجن.