پاڻي کوٽ ختم نه ٿي ته وڏو نقصان ٿيندو

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ شديد ٿي وئي آهي، جنهنڪري خريف جي فصل پوکڻ جي تياري وڏي پئماني تي متاثر ٿي رهي آهي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن يعني  سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 40 سيڪڙوکان 43 سيڪڙو رپورٽ ٿي رهي آهي. جنهنڪري هن وقت عيد جي ٻئي ڏينهن کان وٺي سموري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج شروع ٿي ويا آهن.

آبپاشي جي لاڳاپيل عملدارن جو چوڻ آهي ته  کوٽ سبب سکر ۽ گڊو بئراج جي ڪيترن ئي ڪئنالن ۾ پاڻي فراهمي وڏي پئماني تي متاثر ٿي رهي آهي، ملڪ جي اترين علائقن ۾وسڪارو نه ٿيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سنگين شڪل اختيار ڪري وٺندي،ماڻهن کي ڏڪار جهڙي حالت کي منهن ڏيڻو پوندو، سنڌ ۾خريف جي فصلن کي سخت نقصان ٿيندو،هن کان اڳي به  ائين ئي ٿيندو رهي ٿو ڪڏهن به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي جيڪو 1991 جي ٺاهه ۾ مقرر ڪيو ويو هو. سنڌ جا نمائندا هر ڀيري اهڙي کوٽ تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهندا آهن پر انهن جي هڪ به نه ٻڌي ويندي آهي، جنهنڪري عام ماڻهن جو صوبائي سرڪار توڙي وفاقي سرڪار جي سکڻن اعلانن ۽ انهن جي ڪوششن تان اعتماد کڄندو ويو آهي،جنهن جو صوبي جي حڪومت جي ڪارڪردگي تي به منفي اثر پوندو رهيو آهي،

عيد جي ٽئين ڏينهن به سنڌ خاص ڪري لاڙ جي ضلعن جي مختلف شهرن ۾ هارين زميندارن ۽ آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف جلوس ڪڍي ڌرڻا هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي هنن  جو چوڻ آهي ته مھيني کان پاڻي نه آهي، جنهنڪري هاڻي ته عام خلق سان گڏ جانور ۽ پکي پکڻ پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهن، ٻئي پاسي هنن جا بيٺل فصل سُڪي رهيا آهن.،پر ڪو به هنن جي دانهن نٿو ٻڌي، جنهن ڪري  هو احتجاج ڪري رهيا آهن.هنن آبپاشي عملدارن تي پاڻي وڪڻڻ جا به الزام هنيا ۽ چيو ته پاڻي جي ورهاست ۾ هنن سان گهڻي ناانصافي ڪئي ويندي آهي، آبادگارن موجب پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ھزارين ايڪڙ زمين سُڪي ٺوٺ ٿيڻ بعد هاڻي بنجر بڻجي رهي آهي.

آبادگارن جو اهو به چوڻ هو ته هن کوٽ واري ڪيفيت ۾ سڀني کان وڌيڪ متاثر پڇڙيءَ جو عوام ٿئي ٿو، جتي جو  جانور به پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهيو  آهي. احتجاج ڪندڙن موجب منڍ وارن زميندارن کي ٿورو گهڻو پاڻي ملي ٿو پر کوٽ جي صورت ۾ اهي پڇڙيءَ وارن جو پاڻي کڻي ويندا آهن،انهن سان لاڳاپيل کاتي جا عملدار به مليل هوندا آهن.

 

ٻئي پاسي  انگن اکرن مطابق  سنڌ ۾آڳاٽي خريف دوران پاڻي کوٽ وڌي 46.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي، ٽن مهينن کان تربيلا ڊيم لاڳيتو ڊيڊ ليول تي موجود آهي،  منگلا ۾ به رڳو 35 فوٽ پاڻي جا ذخيرا موجود آهن. سکر بئراج  جا ساڄي پاسي  وارا ڪئنال کلي نه سگهيا،هن کان اڳ ارسا پاران چيو ويو هو ته پاڻي کوٽ 28 سيڪڙو آهي پر  اها کوٽ وڌي 46.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي. گڊو بئراج وٽان پهرين مئي گذرڻ باوجود نڪرندڙ 4 ڪئنالن گهوٽڪي فيڊر، ڊزرٽ پٽ فيڊر، بي ايس  فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال بدستور بند آهن،ٻئي طرف سکر بئراج مان ساڄي پاسي کان نڪرندڙ 3 مان 2  ڪينالن رائيس ۽ دادو ڪئنالن ۾ پاڻي ناهي ڇڏيو ويو،جڏهن ته  ڪوٽڙي بيراج جي مئي جي پهرين ڏهي جي انڊينٽ 12300 ڪيوسڪ هوندي انهي کي رڳو 5896 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، ڪوٽڙي بئراج وٽ کوٽ 51 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.

پاڻي کوٽ جي اهڙي صورتحال ٿيڻ جي ڪري سموري سنڌ متاثر ٿي رهي آهي، خريف جي فصلن جي تياري پنهنجي جاءِ تي پر هن وقت بيٺل فصل متاثر ٿي رهيا آهن.

ميڊيا جي رپورٽس موجب  اتحادي پارٽين جي گڏيل سرڪار جڙڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف  جي سنڌ جي دوري دوران کيس جن مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي هئي انهن ۾ پاڻيءَ جو معاملو به شامل هو جنهن تي وزيراعظم سنڌ سرڪار کي خاطري ڪرائي هئي ته سنڌ جي اعتراضن ۽ خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ارسا، وفاقي سرڪار توڙي سنڌ حڪومت جي نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهي ويندي، انهيءَ خاطريءَ کي 2 هفتا مڪمل ٿيڻ باوجود ڄاڻايل ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو.

جڏهن ته وفاق ۾ پاڻي واري وزارت به پيپلز پارٽي جي  سينئر اڳواڻ خورشيد شاھ وٽ آهي پر پوءِ به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي سگھيو آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاران اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي .سرڪار صرف اهو قبول ڪري رهي آهي ته سنڌ هن وقت 42 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي،  ارسا اختيارين پاران دريائي سسٽم ۾ پاڻيءَ جي گھٽتائيءَ جو سبب ڄاڻائي سنڌ کي پاڻي جي مقرر ڪيل حصي کان محروم ڪيو پيو وڃي.

گذريل سال به اپريل 2021 ۾ سنڌ صوبي کي پاڻي معاھدي ۾ مقرر ٿيل  حصي کان 22 سيڪڙو گھٽ پاڻي ڏنو ويو هو.

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هزارين ايڪڙن تي  پوکيل فصل سوڪهڙي جوشڪار ٿي رهيا آهن.سنڌ جيئن ته هڪ مڪمل زرعي صوبو آهي، جتي پاڻي نه هئڻ جي ڪري گهڻا ئي مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا. هتي جي عام ماڻهوءَ جي مجموعي زندگيءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي، جيڪڏهن هن اهم مامري کي جلد نه نبيريو ويو ته ان جو سنڌ جي عام زندگيءَ تي انتهائي منفي اثر پوندو، هڪ ته اڳ ئي مهانگائي وڌي وئي آهي مٿان روزانو ماڻهن کي معاشي حالتن خطرناڪ هئڻ جا اعلان ڪري انهن جو ساهه سُڪايو وڃي ٿو، اهڙي حالت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي زرعي معيشت جو به آسرو نه رهندو ته سنڌ گهڻو ڀوڳيندي.

اسان اميد ٿا ڪريون ته سنڌ سرڪار تڪڙن بنيادن تي قدم کڻندي وفاق سان رابطو ڪري هن اهم مسئلي جو ڪو جوڳو حل ڳولڻ ۾ ڪامياب ويندي ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ شروع ٿيل احتجاج وڌي به سگهن ٿا ته وري ان سان وفاق توڙي صوبائي سرڪار جي نه رڳو ڪارڪردگي تي سوين سوال اڀرندا پر ان سان هنن حالتن ۾ گهڻو نقصان پهچندو ۽ سنڌ جي ماڻهون کي پهچندڙ نقصان جو تدارڪ ممڪن نه رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.