باهه: احتياط ۽ ضروري تدبيرون 

تحرير: رياض ابڙو 

هر جاءِ جڳھه تي اهو احتياطن ضرور لکيل هوندو آهي ته سگريٽ نه پيئو يا ماچيس جي تيلي نه ٻاريو، يا پيٽرول پمپ تي ڪٿي اهو به لکيل ڏٺو ته ”سگريٽ نه پيو، ماچيس جي تيلي نه ٻاريو، ان ڪري توهان جي زندگي ڀلي قيمتي نه هجي پر اسان جو پيٽرول قيمتي آهي“ گذريل ڏينهن نوشهرو (پشاور) جي هڪ تيل (پيٽرول) جي ڊيپو کي باھ لڳي جنهن ۾ ڏيڍ ارب کن جو تيل سڙي دونهون ٿي اڏامي ويو جو باھ جا ڀڀڙ اٿيا ۽ آسمان سڄو ڪارو ٿي ويو، ان ڪري ڳالھه اها به آهي ته جيترو مال ملڪيت نازڪ يا احتياط ڪرڻ وارو هجي اتي انساني فرضن ۾ اهو به شامل آهي ته هر صورت ۾ احتياط ڪجي يا جيتري خطري واري جاءِ هجي اتي اوترو احتياط به ڪجي، مثال: تيل جو ڊيپو يا پيٽرول پمپ هجي ته اتي ڏسي وائسي هلجي يا اتي اخلاقن ۽ انسانيت جي ناتي سگريٽ نه پيئجي، يا هڪ ٻيو الميو اهو به آهي ته جتي وڏيون بلڊگيون هجن اتي شهري فاير برگيڊ وٽ ايڏي وڏي اونچي ڪرين به هجي يا اتي ايڏيون ويڏيون عمارتون جوڙڻ نه ڏين، ڇو ته اهي عمارتون هر صورت خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون، جو اتفاق سان جيڪڏهن ايڏي وڏي ۽ اونچائي واري عمارت جي آخري منزل تي باھ لڳي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ اتي ڪِرين، ڦوهارو يا نوزل ڪيئن پڄائجي، ان ڪري ”سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي“ شهري آبادي ۾ اهڙيون وڏيون بلڊنگيون ٺاهڻ جي اجازت نه ڏئي.

يا وري گرمين جي موسم ۾ ڳوٺن جون آباديون جتي ٻارڻ ججهي مقدار ۾ هجي ٿو مثال: سڪو گاھ، پلال ۽ بُھه جا کوڙا، ڪڻڪ جا بيٺل فصل، وڏا سُڪين ڪاٺين وارا  ڪنڊيدار وڻڻ وارا لوڙها وغيره، پوءِ الميو اهو به هوندو آهي ته اتي باھ وسائڻ واريون مشينون، ڦوهارا يا عملا ناهن هوندا، ان ڪري ته انهن غريب ماڻهن جي حياتي جي ڪا قيمت ناهي هوندي انهن جي ڪهڙي حيثيت يا مجال جو اهي ڪنهن طريقي باھ وسائڻ وارين آفيسن کي فون به ڪري سگهن ڇو ته ان گرمين جي موسم ۾ اڪثر ڪري پلال جي وڏن کَوڙن، ڍيرن يا پلال جي ٻُنڍن کي اڪثر باھ لڳي ويندي آهي جنهن جي ڪري اتان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن کي به خطرو هوندو آهي ته اها باھ جي وڌي وئي ته اهي غريب ڇا ڪري سگهندا؟ يا الميو اهو به آهي ته جيڪي به ڪڻڪ جا فصل ٿين ٿا انهن جي انشورنس ناهي هوندي، پر مارچ جي ختم ٿيڻ سان ۽ اپريل جي شروع ٿيڻ سان جڏهن ڪڻڪون ۽ فصل پَڄي راس ٿين ٿا تڌهن زمين به خشڪ ٿي وڃي ٿي ۽ زمينن تي پاڻي يا آلاڻ نه ٿي هجي ان ڪري اهڙن فصلن کي باھ فورن وڪوڙي ٿي وڃي يا گرم هوائون (جَهولا يا لوءَ) به باھ تي گاسليٽ جو ڪم ٿيون ڪن، ان ڪري اهڙن فصلن جي انشورنس ئي انهن جي بچاءَ ۽ نقصان جو ازالو ٿي سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ باھ جي واقعن تي ضابطو ممڪن ناهي يا باھ وسائڻ واري عملي جي ايندي ايندي پڄندي پڄندي اهو فصل سڙي خاڪ ٿي وڃي ٿو اها ٻي ڳالھه آهي ته اهي مشينون يا باھ وسائڻ وارا عملا انهن زرعي زمينن تائين پڄي به ناهن سگهندا ان ڪري ته اوستائين پڄڻ جا رستا به هموار ناهن هوندا يا ورلي ڪو پڪو روڊ رستو به موجود هجي، پر ان جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن يا ڪچين آبادين وارن هنڌن کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو جتي گرمين جي شروع ٿيڻ سان باھ جا وقعا وڌي ٿا وڃن يا جيڪي ڪچا پڪا گهر سڙي خاڪ ٿي وڃن ٿا، انهن جي ڪا به انشورنس ناهي هوندي.

ڀلا جيڪڏهن انهن جي انشورنس هجي به ته اتفاقن جي صورت انهن متاثر ماڻهن کي ان نقصان جو بدلو ملي (ميهڙ واري واقعي جو درد الڳ آهي يا انهن غريبن تي سياست چمڪائڻ جي صورت چيڪن جو ملڻ الڳ سياست ۽ بحث آهي) يا جيڪي به جاني يا مالي نقصان ٿين ٿا انهن جي صورت انهن غريب ماڻهن کي (يا جيڪي به متاثر ٿين ٿا) انهن جي نقصان جو ازالو ٿي وڃي، ان ڪري ترقي يافتا ملڪن يا ترقي پزير ملڪن ۾ اهو واضع فرق ضرور هوندو آهي ته جڏهن انهن وٽ ٻوڏن يا برساتن يا باھ لڳڻ جي صورت جيڪو نقصان ٿو ٿئي ان جو ازالو ڪري سگهجي يا اها ٻي ڳالهھ هئي جڏهن نائين اليون جهڙي تباهي ٿي تڏهن ان جي ٿيڻ جي صورت انهن متاثرن کي انهن جي ٿيل نقصان جو ازالو مليو يا انهن جي تلافي ٿي حلانڪ نائين اليون جي صورت ۾ ڪروڙين ڊالرز جو نقصان رڳو انهن انشورنس ڪمپنين کي به ٿيو هيو جيڪي سدائين پريميم کائيندون هيون، پر نائين اليون جي واقعي کانپوءِ انهن انشورنس ڪمپينن ڪروڙين ڊالر ڀري انهن ماڻهن جي جان ۽ مال جو ازالو به ڪيو.

مثال ميڊيڪل انشورنس ڪمپنين جا پريميم ڀري ڀري ماڻهو ٿڪجي پوندا آهن يا لائيف انشورنس جا پريميم ڀري ڀري ماڻهن جي ڄڙھ ويندي آهي پر اتفاق سان يا سوَن ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ ڪو ماڻهو هوندو جنهن جي لاءِ ڪمپني ميڊيڪل جي صورت ۾ نقصان ڀريندي هوندي پر سڄي عمر ماڻهو ته اهي قسطون ۽ پريميم ڀري ڀري سڙي ٿا وڃن ان ڪري حڪومت به ساڳي ڳالهھ ڪري، ان ڪري ته جيڪي ماڻهو ڄمن انهن جي لائيف انشورنس ڪرائي ان ڪري هر ماڻهو هر صورت ۾ ٽيڪس پيئر آهي (يا معمولي پريميم به وٺي جنهن سان طبي سهولت ممڪن ڪري يا مفت ڪري) حلانڪ ڳالھه ڏکي آهي پر اڳوڻي سرڪار (پي ٽي آءِ) ڪي پيءَ ۾ ۽ پنجاب ۾ ممڪن ڪري وئي ته انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي توڻي جو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهن ٿا (جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد) پر انهن جي شناختي ڪارڊ تي جيڪڏهن پنجاب يا ڪي پي جي ايڊريس هئي ته انهن جا نالا ان ميڊيڪل انشورنس ۾ آيا ته اهي اها انشورنس وٺي سگهن ٿا، ائين هي سرڪار به ڪري، ڀلا ٿلهي ليکي ڏسون ته ماڻهو ڀلي مٿي جي سور جي ٽڪي به کائن يا پيٽرول ڀرائي لينڊ ڪروزر گاڏيون هلائن يازرعي زمين تي ٽيوب ويل هلائي پنهنجن فصلن کي پاڻي ڏين (ان ڪري پيٽرول به بارش وانگي آهي جو سڀ جي لاءِ برابر اگھه تي مهيا هجي ٿو) پوءِ ڪو غريب پني پورت ڪري پنهنجي پراڻي موٽرسائيڪل ۾ پيٽرول وجهرائن به ته انهن کي ٽيڪس جا برابر پئيسا ڀرڻا پون ٿا، ان ڪري اهي غريب ڦري گھري جڏهن ٽيڪس به ڀرن ٿا ته حڪومت به انهن جي لائيف انشورنس ڪرائي ته جيئن انهن ماڻهن کي حادثاتي ۽ اتفاقاتي نقصانن جو ازالو ملندو رهي، يا جڏهن جڏهن انهن جي ڪا مال ملڪيت ائين ئي سڙي تباھ ٿي وڃي يا باھ جي صورت ۾ سڙي خاڪ ٿي ويندي ته انهن جي تلافي انشورنس جي صورت ۾ ممڪن هوندي جنهن جو حڪومت کي ته نقصان گھٽ ٿيندو.

باھ وسائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته پهرين ان باھ جي ويجهو جيڪو به ٻارڻ (اهڙي شيءِ جيڪا فورن سڙي سگهي) ان کي ڌار ڪجي، بجاءِ جو باھ کي وسائڻ ۾ پورو ٿي وڃجي ۽ سڀ سڙي خاڪ ٿي وڃي يا اسان وٽ گھڻي ڀاڱي باھ وسائڻ جي لاءِ پاڻي جو استعمال ٿو ٿئي پر ترقي يافتا شهرن ۾ باھ وسائڻ جي لاءِ اهو طئي هوندو آهي ته جيڪڏهن باھ ڪنهن مشين کي لڳي ته ان کي پائوڊر سان وسائجي، ڇو ته باهين جا به ڪيترائي قسم ٿين ٿا ۽ انهن کي وسائڻ جا طريقا به مخلتف هجن ٿا، يا اڳي ريلوي اسٽيشنن يا سرڪاري آفيسن جي اڱڻن تي واريءَ جون ٻاٽليون ٽنگيل يا رکيل هونديون هيون پر هن جديد دور ۾ باھ وسائڻ وارا ڳاڙهي رنگ وارا سيلينڊر ڀتين تي ٽنگيل ملندا، جن ۾ ٻن قسمن جو باھ وسائڻ وارو سامان هوندو آهي، هڪڙن ۾ پائوڊر هوندو آهي ته باھ جي ڪنهن ڪمپيوٽر يا مشين کي وڪوڙي يا ڪنهن بجلي جي تار کي لڳي ته ان کي پهرين سوئچ آف ڪري (بند ڪري) سڙندڙ تارون ڪٽي الڳ ڪجي، بجاءِ جو هڻي پاڻي سان آفيسن کي ئي ٻوڙي رکجي يا اهو به بهتر هوندو آهي ته انهن سيلينڊرن کي استعمال ڪجي (جنهن جو استعمال آفيس جي عملي کي به سيکاريو ويندو آهي ته پائوڊر ۽ لِڪُئِڊ (پاڻي) ڪهڙي شيءِ تي استعمال ڪجي يا نه ڪجي)

ان ڪري ڪمپيوٽر کي يا ڪنهن مشين کي جيڪڏهن باھ لڳي ته ان جي مٿان پاڻي وسائڻ بيوقوفي هوندي پر ان جي مٿان پائوڊر هارجي يا ان جو زوردار ڦوهارو ڪجي ته جيئن باھ کي وسائي سگهجي يا باھ جو ٻارڻ (اهي شيون جيڪي سڙن يا سڙڻ ممڪن هجن) الڳ ڪجي ته جيئن باھ رڳو انهن شين يا حصن کي ساڙي جنهن کي اٿندي لڳي هجي، يا جيئن انگريزن جي دور ۾ (يا هاڻي به) هر ريلوي اسٽيشن يا پبلڪ پليسز تي واريءَ جون ٻاٽليون ٽنگي رکندا هيا ته جيڪڏهن ڪاٿي به باھ لڳي ته ان کي واريءَ سان ڀريل ٻاٽلين سان وسائي سگهجي، جنهن سان نقصان ٿيڻ جا انديشا گهٽ هجن ٿا، ڇو ته ڪنهن سڙندڙ مشين تي، ڪنهن ٽي وي يا ڪنهن ڪمپيوٽر تي جيڪڏهن پاڻي جي هڻ هڻان ڪبي ته وڌيڪ نقصان ٿيڻ جا انديشا باقي هجن ٿا يا واري هڻڻ سان ٿي سگهي ٿو ته ان جو ڪجھه حصو بچائي سگهجي ۽ پاڻي هارڻ جي صورت ۾ اهو سمورو تباھ ڪري ڇڏجي، اهي سڀئي احتياط پنهنجي جاءِ تي، پر وقت جي حڪومت اهڙا ترت قدم ضرور کڻي جنهن باھ وسائڻ وارو عملو، انهن آفيسن سان رابطو يا انهن ماڻهن جي انشورنس ممڪن ڪجي جنهن سان انهن ماڻهن جي نقصان جي تلافي ممڪن هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.