وڌندڙ وڳوڙي حالتون: هاڻي ڇا ٿيندو ؟

تحرير: رفيق پٽيل

پاڪستان جي سياسي حالتن ۾ ڏينهون ڏينهن وڳوڙ وڌندو پيو وڃي،جنهن جو بنيادي سبب موجوده سياسي اتحاد جي ڪِرندڙ ساک آهي.جنهن جي قائم ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان ان کي گهربل مقبوليت نه ملي سگهي ۽ ان پنهنجو ڌيان عوام کي سهولتن فراهم ڪرڻ جي بجاءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سياست جي ميدان کان ڪڍي ٻاهر ڪرڻ  ۽ هن جي سياسي جماعت کي ٽوڙڻ جي ترڪيبن تي ڏيڻ شروع ڪيو .

اهو عمل حڪومتي اتحاد کي وڌيڪ نقصان پهچائي رهيو آهي.ويجهڙ ئي توهين مذهب جا سڄي ملڪ جي مختلف ٿاڻن ۾، پي ٽي آءِ ڳواڻن ۽ اڻ ڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي نتيجي ۾ حڪومت کي پورائي نه ٿي سگهڻ جهڙو نقصان پهتو آهي ۽ حڪومت سڪرات واري حالت ۾ هلي وئي آهي،جنهن جو سبب هي آهي ته پاڪستان جي اڪثر حلقن سميت هر سطح تي ان عمل کي انتقامي ڪارروائي جو   اَڍنگو  طريقو سمجهيو ويو آهي. خاص ڪري پيپلزپارٽي ۾ شامل هڪ طبقو ۽ اي اين پي جا نظرياتي ڪارڪن اهڙي طرح جي عمل جا سخت مخالف آهن، ان جو نوٽيس سموري دنيا جي انساني حقن جي تنظيمن کانسواءِ اولهه جي ملڪن به ورتو،.پي ٽي آءِ گڏيل قومن سميت سموري دنيا جي انساني حقن جي تنظيمن کي خط لکي ڇڏيا آهن ته پاڪستان مذهب جي توهين جو سهارو وٺي مخالفن کي ڊيڄارڻ سان گڏوگڏ انهن کي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هاڻي اهي ڪيس حڪمران اتحاد کي نقصان پهچائيندا رهندا ۽ اهو ڳٽ حڪومت جي ڳچي مان نڪري نٿو سگهي،بلڪه پاڪستان کي  انهن ڪيسن جي ڪري عالمي سطح تي نقصان پهچي رهيو آهي.جنهن جو تدارڪ لڳ ڀڳ ممڪن نه آهي، ان جو بنيادي سبب هي آهي ته عالمي سطح تي انهن قانونن جي سخت مخالفت موجود هئي ۽ اهو انتهائي حساس نوعيت جو مسئلو هو. جيڪڏهن حڪومت پاران ڪيس واپس وٺي به ڇڏجن ته به اهي ڪيس حڪومت کي پريشان ڪندا رهندا، اهي ڪيس ئي حڪومت جي خودڪشي جي شروعات بڻجي ويا آهن.

ٻئي پاسي عمران خان جن طاقتور عالمي قوتن خلاف ڳالهائي رهيو آهي اهي قوتون عمران خان کي پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ برداشت نه ڪنديون،جنهن جي لاءِ هو پنهنجو اثر استعمال ڪنديون، دنيا جون وڏيون طاقتون پنهنجن مفادن کي اوليت ڏيندي ڪو قدم کڻنديون آهن،اهو هڪڙو فطري عمل آهي،اها به  حقيقت آهي ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري دنيا جون  وڏيون قوتون ۽خطي جا ٻيا ملڪ پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ چاهين ٿا جنهن ۾ هنن کي هڪ حد تائين ڪاميابي گهڻو اڳ ملي چڪي آهي.تنهنڪري عمران خان جي رستي ۾ ڪنڊا وڇايل آهن،کيس پيغام ڏنو ويو آهي ته اهو ڳاڙهي لڪير نه اورانگهي، تنهنڪري هن ۾ ٿوري نرمي آئي آهي ۽ مڪمل پُرامن رهڻ چاهي ٿو،ان سموري عمل ۾ بنيادي مسئلو پاڪستان جي اندروني عدم استحڪام جو آهي، جنهن ۾ بهتري جا امڪان ختم ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ رائج نظام تي عوام جو يقين گهٽجي رهيو آهي،اها انتهائي خطرناڪ علامت آهي،جنهن سان ملڪ دشمن قوتن کي فائدي کڻڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، ادارن تي ملڪ جو اعتماد ملڪ جي دفاع جي لاءِ گهڻو ضروري هوندو آهي،انهن سمورين ڳالهين ۾ ان ڳالهه کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جنگ جي حالت ۾ آهي.

تازو ئي ڪراچي بم ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ ٽن چيني استادن جون حياتيون هليون ويون،افغانستان مان به حملن جو سلسلو جاري آهي، هندوستان به نقصان پهچائڻ جا قدم کڻي رهيو آهي،پر سڀني کا وڏو حملو اندروني ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙ آهن،ڪنهن به ملڪ جو اصل بچاءَ ڪندڙ ان جو عوام ئي هوندو آهي، جيڪو دفاعي ادارن کي وڏو حوصلو ڏيندو آهي،ان ڪري عوام جي خوشحالي، آزادي، قانون جي حڪمراني، انصاف جو اثرائتو نظام ۽ ملڪي معاملن ۾ عوام جي شموليت سان ئي ملڪ کي طاقتور بڻائي سگهجي ٿو.خود عمران خان کي به ڪنهن سمجهوتي طرف وڌڻ گهرجي. ۽سمورين سياسي توڙي غير سياسي قوتن کي بهتري جي راهه ڳولڻ گهرجي، حڪمران اتحاد کي تسليم ڪري وٺڻ گهرجي ته انهن ڪنڊن جو تاج مٿي تي پائي ورتو آهي،انهن ڪنڊن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪا واٽ موجود نه آهي،پنهنجي تڪليف ۾ واڌاري جي نتيجي ۾ ڪاوڙ جي حالت پيدا ٿيندي ۽ اهڙا قدم کنيا ويندا جنهن سان اڃان به دنيا کلندي ۽ نقصان ٿيندو.

قومي يڪجهتي کي نظر ۾ رکڻ حڪومت جي اهم ذميداري آهي،منفي قدم سان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو.سياسي جماعتن جي ڪاميابي جو اصل بنياد ان جو نظريو ۽ ڪارڪردگي هوندا آهن.جڏهن اهي انهن کي ڦٽو ڪري ڇڏينديون آهن،ته انهن جي مقبوليت گهٽ کان گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي،جنهن جو هڪ مثال پيپلزپارٽي جي سياسي قوت آهي جيڪا اڳي جي مقابلي ۾ گهٽي آهي، پيپلزپارٽي جهڙي نظرياتي جماعت جي زوال  سان پاڪستان جي سياست کي نقصان پهتو آهي،جنهن کي قومي سطح جي جماعت بڻائڻ جي لاءِ نيئن سري سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي،پيپلزپارٽي جي قومي سطح تي ڪمزور گرفت موجوده ڪمزوري جو سبب بڻي آهي،هاڻي خوداحتسابي جي ڀرپور عمل، تنظيم جي موثر ڪارڪنن ۽ نوجوانن کي اڳتي آڻڻ کانسواءِ پيپلزپارٽي وڏي سياسي قوت نٿي بڻجي سگهي.مسلم ليگ ن ۾ به موجوده صورتحال جي ڪري هاڻي اهو احساس پيدا ٿيڻ جي شروعات ٿي وئي آهي ته حڪومت حاصل ڪري غلطي ڪئي وئي آهي.جنهن کي هو گلن جو هار سمجهي رهيا هئا اهو جوتن جو هار ثابت ٿي رهيو آهي.اها ڪيفيت جيڪڏهن وڌندي وئي ته ان جو مستقبل اونداهو به ٿي سگهي ٿو.

مجموعي طور تي پاڪستان هڪ اهڙي ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙ جي ڪيفيت ۾ آهي جنهن مان نڪرڻ جا رستا سوڙها ٿيندا پيا وڃن،جنهن جو فائدو شايد ئي ڪنهن ڌر کي ٿئي،خطري جي احساس بعد وزيراعظم شهباز شريف اهم فردن کي فون ڪري پنهنجا رابطا مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو،جيڪا هڪ سطحي ڪوشش آهي،کيس ملڪ جي عوام جون دليون کٽڻيون پونديون.جنهن جي لاءَ سڀني کان اهم معاملو مهانگائي جو خاتمو آهي،بجلي ۽  پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هڪ متوازن بجيٽ ڏيڻي پوندي.جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين  جو مشورو لازمي شامل هئڻ  گهرجي. عمران خان ۽ سندس سياسي پارٽي جا جلسا ۽جلوس پُرامن هوندا ته حڪومت کي ڪو خطرو نه هوندو،اڳ ڊگهن جلسن جلوسن مان ڪو کڙ تيل نه نڪتو هو.حڪومت، جوابي بيانن، تڪڙن قدمن۽ اجاين ڪيسن سان نقصان ۾  ويندي، حڪومت کي رڳو پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.يا وري ان کي بوجهه سمجهندي ڪنهن سٺي سمجهوتي سان ٻاهر اچڻ گهڻوسٺو عمل هوندو.ياد رهي ته عمران خان حڪومت کان ٻاهر  نڪري ڪري وڌيڪ مقبول ٿيو آهي.تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان ۾ وزارت اعظميٰ جي ڪرسي وڏي خطرناڪ رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.