پپر تنهنجا پن ڙي ….

پِپِرُ/ پپل (Peepal) : پِپِرُ يا پِپِلُ جو وڻ نه رڳو سنڌ جو مشهور ۽ قديم وڻ آهي ، پر هندو ميٿالاجيءَ ۾ هن وڻ جي وڏي اهميت آهي . هن وڻ کي انگريزيءَ ۾ Sacred Fig، لاطينيءَ ۾ Ficus Religiosa چئجي ٿو . چيو ويندو آهي ته مهاتما گوتم ٻڌ کي ”نرواڻ“ پپر جي وڻ هيٺان حاصل ٿيو هو.

پپر جي وڻ جي ڇانوَ گهاٽي ۽ گهڻي پکڙيل ٿيندي آهي . پپر جي وڻ جا دنيا ۾ اٽڪل 115 قسم آهن . هن وڻ ۾ قدرت وڏي حڪمت رکي آهي . هن جي پنن ، کير ۽ ميوي مان ڪيتريون دوائون تيار ڪيون وينديون آهن . هيءُ وڻ فولاد ، پوٽاشيم ۽ وٽامن اي ۽ بي سان مالا مال آهي . هن وڻ جو ڏندڻ ، ڏندن کي مضبوط بڻائيندو آهي . هندو هن وڻ جي پوترتا مڃيندي هر روز صبح جو غسل ڪرڻ کان پوءِ هن وڻ کي پاڻي ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن .

سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ پراڻن شهرن ۾ اڄ به قدآور پپر جا وڻ نظر ايندا آهن ، ٿر ۾ هيءُ وڻ خاص ڪري ڇاڇري ، چيلهار ۽ اسلام ڪوٽ وارن علائقن ۾ نظر اچي ٿو . هن وڻ جي ڇانوَ گهاٽي ٿئي ٿي ، انهن هيٺيان مال توڙي انسان ويهي آرام ڪندا آهن . هن وڻ کي سنڌ جي لوڪ گيتن ۾ به اهميت مليل آهي . ”لوٽو“ نالي لوڪ گيت ۾ هڪ مصرع آهي ته :

پپر تنهنجا پن ڙي،

سڀ مڙهايان سون سان ڙي،

لوٽو مون کي آڻي ڏي.

عرفان علي گوپانگ جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.