ڇا هاڻي مذهبي عبادت گاهن کي به سياسي فتني جي ور چاڙهيو ويندو!

مذهبي آزادي ۽ مذهبي توهين جي منع، انساني حقن جو حصو آهي، ۽ اهو دنيا جي سڀني قانونن ۾ آهي ته ڪنهن به مذهب جي اهڙي توهين نه ڪئي وڃي جنهن سان ٻين مذهبي پوئلڳن يا مڃيندڙن جي دل آزاري ٿئي. ان حوالي سان مسجد نبوي جي جيڪا توهين ڪئي وئي آهي تنهن جو ڪو به دفاع نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته ان ڪڌي عمل سان ڪروڙين ماڻهن جي دل آزاري ٿي هئي. خير جي مقام کي شر جي جڳهه بڻايو ويو آهي. جيڪڏهن اڄ ان فتني کي نه روڪيو ويو ته سڀاڻي خانه ڪعبه غير محفوظ ٿي ويندو. پوءِ هتي عمرو ۽ حج ڪندڙ سياسي يا ذاتي مخالفن تي غير اخلاقي حملا ڪندا خاص طور تي پاڪستان جا سڀ مذهبي مقام ان فتني جي ور چڙهي ويا آهن. هاڻي مذهبي عبادت گاهن ۾ به سياسي مخالفن کي گار گند ۽ تشدد جو نشانو بڻائي سگهجي ٿو. جيڪو فتنو آهي ۽ جنهن کي روڪڻ لازمي آهي.

سوشل ميڊيا جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.