اسان جي معاشري ۾ وڌندڙ منشيات جو استعمال ۽ ان جو نوجوانن تي پوندڙ برو اثر

اسان جي معاشري ۾ نشي وارين شين جو استعمال تمام تيزيَ سان ٿي رهيو آھي شراب، آفيم ، چرس ۽ اهڙي قسم جي ڪيترن ئي نقصان ڪار زھرن جو استعمال تمام تيزي سان وڌي رھيو آهي جنهن سان اسان جو نوجوان طبقو نفسياتي بيمارين جو شڪار ٿي رھيو آهي. نوجوان طبقو ان شين کي واپرائي پنهنجي زندگي برباد ۽ تباھ ڪري رهيو آھي. شھرن ۾ منشيات جا اڏا ۽ وڏا مارڪيٽ کوليا ويا آهن سرعام منشيات وڪرو ڪرڻ نوجوانن کي تباهه ۽ انهن جي زندگي برباد ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي. انهن منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ايڪشن کنيو وڃي ۽ نوجوانن جون زندگيون بچايون وڃن ۽ اھو تڏهن ٿيندو جڏهن حڪومت سان گڏوگڏ معاشري جي ماڻهن کي به انهن منشيات فروش جي خلاف آواز بلند ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي چار ديوارين ۾ بند ۾ ڪيو ويندو ڇو ته اھي منشيات فروش ئي معاشري جا دشمن ۽  نوجوان طبقي کي برباد ڪرڻ وارا آهن.

منشيات وڪرو ٿيڻ تڏهن ختم ٿيندي جڏهن اسان نوجوان طبقو انهن منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ منشيات واپرائيندڙن خلاف مهم هلائڻ شروع ڪندو اسان جي تعليم کي تباهه ڪرڻ وارن ۽ معاشري ۾ گندگي ڦهلائڻ وارن کي انهن جي گناهن جي سزا ملڻ گهرجي منشيات جي استعمال جي ڪري ئي معاشري ۾ بدفعلي جا واقعا وڌي رهيا آهن معاشرو گندگي جي طرف منهن موڙي رهيو آهي ان جي ذميوار اسان جي حڪومت ۽ اسين پاڻ آهيون. والدين کي پنهنجي اولاد تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي انهن کي بري سنگت ۽ بري صحبت کان بچائن. اسان تڏهن ئي اهڙن برن فعلن کان بچي سگهنداسين جڏهن اسين آواز بلند ڪنداسين ۽ جڏهن انهن معاشري کي تباه ڪندڙن کي انهن جي برن ڪمن جي سزا ڏيارينداسين تڏهن ئي اسان هڪ ذميوار شهري، هڪ ذميوار والدين ۽ زميوار پاڪستاني بڻجي سگهون ٿا.

امجد شيرمحمد عباسي

**

خودڪشيون ڇو ۽ ڇا لاءِ ؟

خودڪشي، هڪ غلط قدم آهي. آخر هر ستايل انسان اهو قدم کڻڻ تي ڇو مجبور ٿيندو آهي، ڇا خودڪشي کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي جو انسان پنهنجن  کان منھن موڙي مرڻ جو رستو وٺن ٿا. پنهنجي اندر جي خواھشن ۽  دنياوي زندگيءَ کان هارائي، ھر رستي کي بند ٿيندو ڏسي  پنهنجي ئي سامهون  خواهشن جو خاتمو  ڏسندو آهي ۽ سوچيندو آهي هاڻ منهنجي جئيڻ جو ڪو به فائدو ناهي .

هن سماج ۾ رهندڙ هر ستايل فرد پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻيندو آهي، اُن جي وجهه به سماج ۾ رهندڙ فرد آهن . ڪٿي خودڪشي جو سبب  غريبي، محرومي ۽ ناانصافي ھوندي آھي. جيئن ڪنهن غريب پنهنجي غريبي ڪري پنهنجي گهر وارن جي ذميواري نه پوري ڪرڻ تي پنهنجي پاڻ کي موت جي گهاٽ چاڙھي ڇڏي ٿو. انصاف نه ملڻ جي ڪري غريبن سان ٿيل ذيادتي به خودڪشي جو ڪارڻ بڻجي ٿي ڇو جو طاقتورن جي اڳيان هارجي وڃي ٿو. ڪڏهن وري ائين به ٿيندو آهي ته هڪٻئي کي پسند ڪندڙ جوڙو گهر وارن جي راضي نه ٿيڻ تي پنهنجي زندگيءَ اتي ئي ختم ڪري ڇڏين ٿا. اهو سڀ ان ڪري ئي ٿئي ٿو جڏهن ان انسان اڳيان سڀ رستا بند ٿيو وڃن. ھُن کي ڪا به اميد نٿي ملي جو اهو پنهنجي خواهشن کي پورو ڪري سگهي. ڪجهه هارايل انسان پنهنجي غلطي ڪري ئي انمول زندگي مان هٿ ڪڍي ڇڏين ٿا مثال طور ائين جو ڪنهن کي ڊاڪٽر يا انجينئر ٿيڻ جو جنون هجي ۽ اهو نه ٿيڻ ڪري ئي پاڻ کي ختم ڪري ڇڏي، اھو سوچي ته  منهنجي منزل اها هئي، پر اها انھن جي وڏي غلطي آهي جو اهو برداشت نه ڪرڻ ڪري ئي پنهنجي اميدن کان ٽُٽي ويندا آهن. ڪجهه انسان  روزمره  جي زندگي کان تنگ ٿي آجو ٿيڻ چاهين ٿا. خودڪشي ڪرڻ جا ٻيا به ڪيترا ئي سبب آهن مهنگائي، ڪاروڪاري وغيره آهن جنهن سبب انسان پنهنجي زندگيءَ جي چراغ کي وسائي ڇڏين ٿا. انهن کي فقط هڪڙي وجهه گهرجي زندگي ختم ڪرڻ لاءِ پر اُهي ان ڳالھه کان اڻ واقف هوندا آهن ته ڪيترائي  موقعا ملن ٿا ڏکي زندگي کي سکي ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ته  هڪ رستو بند ٿئي ٿو ته شايد پنهنجي لاءِ اها منزل هئي ڪونه بس صبر ڪر ته سڀ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو . پر پنهنجي سماج ۾ غريب اٻوجهھ  انسانن جي ڪير دانهن ٻڌي ئي نه  ٿو  ان ڪري ئي اُهي خودڪشي جو رستو وٺن ٿا.

ستارا چانگ

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.