6 مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

تحرير: فقير محمد سنڌي

¨ 6 مئي 1523ع تي المعروف صوفي بزرگ، حضرت مخدوم بلاول کي شھيد ڪيو ويو.

¨ 6 مئي 1831ع تي شاهه اسماعيل دهلوي کي شھيد ڪيو ويو.

¨ 6 مئي 1935ع تي بھترين مصور، ڀڳوان ڪپور اصل نالو ڀڳوان چترو مل ڪپور ڪراچي شھر ۾ ڄائو.

¨ 6 مئي 1957ع تي مشھور شاعر اسير ملاح جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد ڇتو خان مير بحر، ڳوٺ ڪاري کھي تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.

¨ 6 مئي 1960ع تي اداڪاره سنگيتا پٽاڻي جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 6 مئي 1972ع تي شاعر ۽ افسانه نگار سراج الدين ظفر جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 6 مئي 1973ع تي صحافي رام ڪولهي جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 6 مئي 1975ع تي سنڌ جو عظيم انسان عالم، صحافي، پبلشر ۽ سماجي ورڪر عبدالحميد ڀٽي لاڏاڻو ڪيو.

¨ 6 مئي 1976ع تي صوفي شاعر، فقير محمد سليمان جو لاڏاڻو ٿيو.

¨ 6 مئي 1995ع تي سگهڙ، ڌڻي بخش ميمڻ راهه رباني ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.