مهانگائي: اصل امتحان

تحرير:غلام حسين جوڻو

گذريل حڪومت ۾ ، رڪارڊ ٽوڙ مهانگائي ٿي ايتري قدرجو عوام جو جيئڻ جنجال ٿي پيو هو ، مزدور ۽ پورهيت طبقو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان نظر آيو پئي . سندن پريشاني ان حد تائين وڌي ويئي هئي جو ، ڪيترائي ماڻهون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا . سڄي ملڪ مان خودڪشيون ڪندڙن جي باري ۾ خبرون ملنديون رهيون . خاص ڪري ، سنڌ صوبي ۾ ،اهو سلسلو وڌندو پئي ويو . عمران نيازي به روزانو شين جا اگهھ وڌائيندو رهيو . خاص ڪري تيل جون قيمتون وڌي رهيون هيون کاڌي پيتي جون شيون به اگهن جي لحاظ کان آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون . اٽو ، گيهھ ، کنڊ ، چانهه پتي ، ڳڙ ، بسڪوٽ ، داليون ، گرم مصالحه ، گوشت ، مڇي ، ڀاڄيون ، برف ، دوائون ۽ مشروبات وغيره جون قيمتون وڌنديون رهيون . آخر حڪومت مخالف اتحاد وجود ۾ آيو .جنهن ۾ مختلف سياسي جماعتن جو ڳٺ جوڙ شامل ٿيو . جميعت علماءِ اسلام جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ، حڪومت جي خلاف اٽو ٻڌي  پٺيان لڳي پيا . کين عوام جو وڏو لاچار ٿي پيو . اهي عوام جا خيرخواهه ، گهڻ گهرا ۽ سڄڻ ٿي پيا . وڌندڙ مهانگائي جي آڌار تي ماڻهن کي گڏ ڪري ڌرڻا هڻايا ، احتجاج ڪيائون ، ريليون ڪڍيون ويون ۽ جلسا به ڪيا ويا . هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته ، نيازي حڪومت جي خلاف جيڪا واويلا مچائي ويئي . سا ، دنيا جي سپر طاقت جي اشاري تي ڪئي ويئي . ان ڳالهھ ۾ ڪيتري سچائي ۽ صداقت آهي . ان باري ۾ ڪجھه چئي نٿو سگهجي . الله تعاليٰ ئي بهتر ڄاڻي ٿو ، پر ڳالهيون ڳائجي رهيون آهن .

باقي عمران خان نيازي جي حڪومت خلاف، ملڪ جا سياستدان ڪات ڪهاڙا کڻي بيهي رهيا . هڪ ئي وقت سڀ پارٽيون گڏجي پيون . ان اتحاد ۾ ايم ڪيو ايم به شامل ٿي پئي . سڀني پارٽين جو اهو موقف هو ته ، ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو ۽ عمران خان جي تڏا ويڙھ تائين جدوجهد جاري رهندي . هن جدوجهد ۾ ملڪ جي عوام جو سمنڊ اٿلي پيو هو . نيٺ ، ان جدوجهد جو نتيجو اهو نڪتو جو عمران خان کي حڪومت تان دستبردار ٿيڻو پيو . سندس ، حڪومت جا سمورا وزير ۽ مشير به وڃي گهر ڀيڙا ٿيا . پي ٽي آءِ جا چونڊيل قومي اسيمبلي جي نمائندن به پنهنجي نشستن تان استعيفائون ڏيئي ، عمران خان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو . انهن ميمبرن جو تعداد 123 ٻڌايو پيو وڃي . اقتدار ۾ آيل نئين حڪومت سندن استعيفائون منظور ڪري ورتيون . هاڻ ، اهي سيٽون خالي آهن . ڏسجي ته ، حڪومت خالي سيٽن لاءِ ڇاٿي سوچي ڪهڙو طريقيڪار ٿي اختيار ڪري . اها ، صورتحال به ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندي . ان ڏس ۾ ڪيتريون ئي قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن . پر ڪابه حتمي راءِ ڪونه آهي .

عمران خان جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ، جناب شهباز شريف وزير اعظم جو عهدو سنڀاليو . چند ڏينهن ، کيس اتحادين سان صلاح ۽ مشوري ۾ لڳي ويا .انهن سان گڏجاڻيون ڪندو رهيو . تڏهن وڃي نون وزيرن ۽ مشيرن کي حڪومت ۾ شامل ڪيائين . عوام انتظار ۾ ويٺو رهيو ته نئون وزير اعظم ، اجهو ٿو پيڪيج ڏيئي جنهن مان عام ماڻهون کي ضرور فائدو پهچندو ۽ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي . غريب ماڻهن لاءِ ڪا سهولت پيدا ٿي پوندي . پر ، عوام جون سموريون اميدون تڏهن خاڪ ۾ ملي ويون جڏهن بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي ويئي . عوام جا سمورا خواب اڌورا ۽ اڻپورا رهجي ويا . ماڻهن کي ڏندين  آڱريون اچي ويون ته ڪهڙا واعدا ۽ وچن ڪيا ويا . پر ، اهي سمورا وساريا ويا آهن ۽ “ ساڳيا لاٽون ، ساڳيا چگھه”  جي مصداق هيءَ حڪومت به عوام لاءِ ڪونه پئي سوچي. وڌيڪ حيرت تڏهن ٿي جو، مولانا فضل الرحمان ۽ آصف علي زرداري به خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. مهانگائيءَ جي خلاف پنهنجو آواز ڪونه ٿا اٿارين. سندن وات بند ٿي ويا آهن ۽ جيالن به چپ سبي ڇڏيا آهن. هاڻ سمجهه ۾ اچي  ٿو ته ، عمران خان کي هٽائڻ لاءِ صرف جدوجهد ڪئي ويئي. باقي ان تحريڪ جي ايجنڊا ۾ ڪا به ڳالهه شامل ڪونه هئي. اهو صرف ميدان هموار ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو ويو هو. مهانگائي جي خلاف سهارو وٺي ڳٺ جوڙ ڪيو ويو هو يا پرڏيهي آقائن کي راضي رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار نڀايو ويو. ان ڏس ۾ ، اسان جا سياستدان هاڻ وائکا ٿي چڪا آهن.

هاڻ ، ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تيل جا اگهه وڌايا ويندا. ان حوالي سان سمري به تيار ڪئي ويئي آهي. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون به ڪيون ويون آهن. انهن ڳالهين جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته ، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ، پيٽرول مهانگو ڪرڻ وارو شرط مڃي ورتو آهي. وزير صاحب آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف جي بورڊ سان ڳالهيون ڪيون. پاڪستان ۾ پيٽرول تي ملندڙ سبسڊيز کي ختم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ، اها ختم ٿي ويندي ته پيٽروليم جي اگهن ۾ ٿوري يا گهڻي واڌ اچي سگهي ٿي ۽ ان واڌ جي سبب جي ڪري، ٻين شين جي اگهن ۾ به اضافو اچي ويندو ۽ وڌيڪ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن. اها به حقيقت آهي ته وزير اعظم جناب شهباز شريف عام ماڻهن جي مدد لاءِ اڄ تائين ڪجهه به ڪري ڪونه سگهيو آهي. هو ، ان معاملي ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي چڪو آهي. عمران خان کي “مهانگو وزير اعظم” چوندڙ هاڻ پنهنجو گريبان به ڏسن ته هو ڪٿي بيٺا آهن.

هن وقت پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سڀ کان وڌيڪ روزانه اجرت وارا مزدور ۽ پورهيت متاثر ٿي رهيا آهن. جن جي آمدني جا وسيلا محدود ۽ ٿورا آهن. سندن پيٽ گذران ڏکيو ٿي رهيو آهي. تنهن کان پوءِ پينشنر طبقو به پريشان حال آهي. سندن حالت به قرين قياس جهڙي آهي. گذريل حڪومت به رٽائرڊ ملازمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. سندن پينشن ۾ ڪو خاص اضافو ڪونه ڪيو هو. خاص ڪري سنڌ جي ملازمن کي سنڌ حڪومت مڪمل طرح وساري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري هي طبقو به هن مهانگائي جي دور ۾ تڪليف ۾ آهي. سندن تڪليفن ۽ پريشانين جي متعلق ، آئون اڳ ۾ ڪالم لکي چڪو آهيان. هتي، ان حوالي سان وڌيڪ لکڻ مناسب ڪونه ٿو سمجهان. چوڻ جو مطلب ته رٽائرڊ ملازمن جا مالي وسيلا تمام گهٽ ، ٿورا ۽ محدود آهن. جن مان کين جيڪا آمدني ملي ٿي، سا هن دور ۾ زندگي گذارڻ لاءِ اڻپوري ۽ ناڪافي آهي. هن وقت اهڙن ماڻهن جون زندگيون سراپا سورن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

مون ، جيڪا مٿي صورتحال بيان ڪئي آهي. جنهن مان سمجهه ۾ ايئن ٿو اچي ته ، عمران خان کي هٽائڻ جو سبب اقتدار جي جنگ هئي. سياستدانن جا پنهنجا ذاتي مفاد شامل هئا ۽ انائون هيون يا پرڏيهي سپر طاقت کي راضي رکڻ لاءِ ايئن ڪيو ويو. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ “مهانگائي جي خلاف جدوجهد” نالو ڏيئي عوام کي ڇو گڏ ڪيوويو ۽ پبلڪ کي گمراهه ڪيو ويو. اها اقتدار جي بکين سياستدانن جي هڪ چال هئي. هن وقت به مهانگائي ساڳئي آهي پوءِ هاڻ ڌرڻا ڇو نه ٿا هنيا وڃن؟ احتجاج ۽ جلسا ڇو نه ٿا ڪيا وڃن ۽ ريليون ڇو نه ٿيون ڪڍيون وڃن ته جيئن ڪجهه مهانگائي تي ضابطو اچي سگهي. ياد رهي ته جنهن به شيءِ جو اگهه هڪ دفعو وڌيو آهي. سو ، ڪڏهن به گهٽ ڪونه ٿيو آهي. البته اهڙيون شيون آهن جن جي قيمت ماضي ۾ گهٽ ڪئي ويئي ۽ عوام کي عارضي طور رليف ته ڏنو ويو. پر، ڪجهه وقت کان پوءِ ، ٻيهر انهن جو اگهه وڌايو ويو. اهڙي طرح عوام سان ، ان طريقي سان به ڌوڪو ٿيندو رهيو آهي. هن وقت مهانگائي جي ڪري، عوام فاقه ڪڍي رهيو آهي. خدارا ان باري ۾ ڪجهه سوچيو. ٻيءَ صورت ۾ عوام اوهان جي گڏيل حڪومت ۽ عمران خان جي حڪومت ۾ ڪو به فرق محسوس ڪونه ڪندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.