خانپور مهر لڳ زال تي مڙس جو تشدد، قيد ڪرڻ جا الزام، احتجاج

خانپورمهر  ( رپورٽ: ميهر مهر ) خانپورمهر ڳوٺ ڀيٽور جي رھواسين ڪانجهي مارواڙي، مائي ڪونج، فقيرو، بالم، بيربل ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناري والد ۽ امڙ ٻڌايو ته اٽڪل 6 سال اڳ اسين پنهنجي نياڻي مائي پري ڳوٺ ناگورو واسي نوجوان لالو کي پرڻائي ڏني سين جنهن کانپوءِ جوابدار لالو مسلسل اسان جي نياڻي مٿان تشدد ڪندو رهي ٿو ۽ کيس قيد ڪري ڇڏيو آهي اسان کي پنهنجي نياڻي سان ملڻ به نٿو ڏي جيڪڏهن اسين پنهنجي نياڻي سان ملڻ لاءِ وڃون ٿا ته ملڻ نٿو ڏي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار لالو، حبو، گڊو ۽ ٻين کي ڳوٺ جي بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي جن مان اسان کي ۽ اسان جي نياڻي جي زندگي کي خطرو آهي، ڳوٺاڻن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو جوابدار ناٺي ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي نياڻي کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.