واهي پانڌي ويجهو گورک گهمڻ ويندڙن سان حادثو، هڪ فوت

واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن گهمڻ لاءِ سياحن جي موٽر سائيڪل سان 37 پوائنٽ وٽ روڊ  حادثو، حادثي جي نتيجي ڦلجي واسي نوجوان فرحان ڏاوڇ فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو مجاهد ابڙو زخمي ٿي پيو جڏهن سهولتون نه هئڻ ڪري فوت ٿيل نوجوان جو لاش 3 ڪلاڪن تائين حادثي واري هنڌ پيل رهيو  صحت کاتي ۽ گورک اٿارٽي طرفان نوجوان جي لاش کي اسپتال آڻڻ لاءِ ڪو به بندوبست نه ڪيو هو ٽائيم نيوز خبر نشر ٿيڻ بعد انتظاميا نوجوان لاش کڻائي واهي پانڌي اسپتال پهچايو جتان زخمي کي فرسٽ ايڊ بعد زخمي ۽ فوتي نوجوان جي لاش دادو اسپتال منتقل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.